سنڌ ۾ ٽن سالن جي ڀرتين ۽ ترقياتي ڪمن جي جاچ رولڙي جو شڪار

0
318
ڪراچي: ترقيون ملڻ بعد  10

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ڪانٽريڪٽ ۽ ڪانٽيجنسي ڀرتين، ترقياتي ۽ غيرترقياتي خرچن ۽ ميگا پراجيڪٽس جي جاچ رولڙي جو شڪار ٿي وئي، سيڪريٽرين ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽرن تفصيل جمع ناهن ڪرايا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ حڪومت پاران مالي سال 2018_19ع کان 2020_21ع تائين يعني ٽن سالن دوران صوبي جي سمورن سرڪاري کاتن تعليم، صحت، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ورڪس اينڊ سروس، مڪاني ادارن واري کاتي، زراعت، آبپاشي، پاپوليشن، راندين واري کاتي، لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز، ٻيلي کاتي، اقليتن واري کاتي، معدني وسيلن، خوراڪ کاتي، بحالي واري کاتي، ورڪرز ويلفيئر بورڊ، سميت ٻين سمورن کاتن جي اختيارين توڙي صوبي ۾ هلندڙ ميگا پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽرن توڙي اٿارٽين پاران ترقياتي ۽ غير ترقياتي اسڪيمن تي ڪيل خرچن، ڪانٽريڪٽ ۽ ڪانٽيجنسي جي بنيادن تي ڪيل ڀرتين سميت ڀرتي ڪيل ملازمن جي پگھارن جي خرچ ۽ ٻين مراعتن جا تفصيل گھرائڻ لاءِ سمورن کاتن جي سيڪريٽرين ۽ ميگا پراجيڪٽن جي ڊائريڪٽرن توڙي ٻين لاڳاپيل اختيارين کي خط لکي تفصيل طلب ڪيا ويا هئا پر اڃا تائين سرڪاري کاتن پاران خرچن جي شروع ٿيل جاچ ۾ سنڌ حڪومت سان سهڪار ناهي ڪيو ويو ۽ کاتن ۾ ٿيل خرچن جا تفصيل چيف سيڪريٽري حوالي ناهن ڪيا ويا.