اشو آف دي ڊي ”ماڇي نه پر ماسي چيو آهي“ دعا ڀٽو سوشل ميڊيا جي ردعمل تي معافي وٺي ڇڏي

0
336

پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر دعا ڀٽو خلاف پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ويو ته دعا ڀٽو ماڇي ذات لاءِ لفظ ڳالهايا آهن جنهن جي مذمت ڪجي ٿي، جنهن بعد دعا ڀٽو پنهنجو وضاحتي بيان جاري ڪري معافي ورتي. ان سلسلي ۾ نورالدين سولنگي وڊو شيئر ڪندي لکيو ته پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر دعا ڀٽو گذريل ڏينهن اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي باربار چئي رھي آھي ته انھن ماڇين کي چپ ڪرايو اهي ماڇي چپ ڪن، نه ته مان شروع ٿيس ته منهن ڏيکارڻ جي لائق نه رهندا، اسان دعا کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اسيمبلي ۾ ڪوئي ماڇي نه هئڻ باوجود توهان اهي جملا ورجائي ماڇي ذات جي دل رنجائي آھي . دعا ڀٽو چيل جملا واپس وٺي ۽ سڄي ماڇي ذات کان معافي وٺي ٻي صورت ۾ سندس خلاف پوري پاڪستان ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. اهڙي پوسٽ تي امجد حسين بروهي، سلمان سولنگي، عطا حسين نوناري، امتياز عاشق، ايم علي جروار، آفتاب سولنگي، عبدالحفيظ گڏاڻي، نادر ابڙو، ايم اڪرم سولنگي، رياض جلباڻي، ساجد علي، لالا ضمير سولنگي، عبدالحئي سولنگي، آفتاب سولنگي ۽ ٻين دعا ڀٽو جي بيان جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙي بيان سان سولنگي برادري جي ماڻهن جي دل آزاري ٿي آهي، دعا ڀٽو کي پنهنجي بيان تي معافي وٺڻ گهرجي. نثار علي، ذوالفقار سولنگي ۽ ٻين پڻ دعا ڀٽو خلاف پوسٽون شيئر ڪيون. سوشل ميڊيا جي ردعمل بعد دعا ڀٽو جو وڊيو بيان به سوشل ميڊيا تي اچي ويو. منظور سولنگي، اشرف سولنگي ۽ ٻين دعا ڀٽا جي وضاحتي بيان واري وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ دعا ڀٽو چئي رهي آهي ته سنڌ اسيمبلي جي منهنجي هڪ سال پراڻي وڊيو ايڊٽ ڪري وائرل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ ظاهر ڪرايو ويو آهي ته مون ماڇي ذات لاءِ ڳالهايو آهي پر حقيقت اها آهي ته مان سنڌ اسيمبلي ۾ جڏهن به سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائندي آهيان ته پيلزپارٽي جون ڪجهه ماسيون مونکي تقرير ناهن ڪرڻ ڏينديون، غلط الفاظ ڳالهائنديون آهن جن کي مون چيو هو ته ماسيون چپ ڪيو جنهن کي ايڊٽ ڪري ماڇيون ماڇي ڪيو ويو، مان سمجهان ٿي ته ماڇي سولنگي ملاح ۽ ميربحر تاريخي ذاتيون آهن جن جو مان دل سان احترام ڪريان ٿي، ان باوجود به ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان انهن کان دل سان معذرت ڪريان ٿي.