اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان بيماري کان تنگ ٿي پيرسن عورت مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾  ڳوٺ ڦاهڙيو ڀيل ۾ 90 ورهين جي عورت اتيان زال پنهون ڀيل جو گهر جي چونئري ۾َ ڦاهو کاڌل لاش مليو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف  فوتي عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته پيرسن عورت مسلسل بيمار رهندي هئي، هن بيماري کان تنگ ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي. هوڏانهن جهانگرو پوليس جو چوڻ هو ته فوتي عورت جو  لاش  ضروري ڪاروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي وڌيڪ  واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.