اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم عمران خان رمضان المبارڪ ۾ مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزير اعظم عمران خان مسجد اول تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي جي سخت مذمت ڪيون ٿا، اسرائيلي فوج انسانيت ۽ عالمي قانون جي سمورن اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. وزير اعظم عمران خان چيو ته اسان فلسطيني عوام جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، جڏهن ته عالمي برادري کي فلسطينين ۽ هنن جي جائز حقن جي تحفظ لاءِ فوري ايڪشن وٺڻو پوندو.