حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت پريل دايو سٿ جون مرڪزي چونڊون 26 نومبر 2022ع تي سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي هال ۾ ٿينديون. چونڊ ڪاميٽي موجب مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل، پريل دايو، ڊاڪٽر جمال ناصر، زاهد راڄپر، محبوب سنڌي ۽ ملهار سنڌي طرفان نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آھن. جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي اعظم ڀٽي، ڊاڪٽر انور پرديسي، وحيد سمائر، ڪوثر ڦلپوٽو، اياز لطيف دايو، مسافر هاليپوٽو، خاڪي جاني، شبير سيال ۽ عين سحر، خزانچي جي عهدي لاءِ نعيم ملڪ، اداس سولنگي، اياز لطيف دايو، مظھر خاصخيلي، اعظم ڀٽي، آڊيٽر جي عهدي لاءِ ڊاڪٽر انور پرديسي، اداس سولنگي، رجب ملاڻو، محبوب سنڌي، اياز لطيف دايو ۽ مظهر خاصخيلي نامزدگي فارم جمع ڪرايا. ضلعي رابطا سيڪريٽريز جي عهدن لاءِ فدا سنجراڻي شهيد بينظير آباد، احسان رند سانگهڙ، ملهار سنڌي لاڙڪاڻو، فقير اڪرم ٺٽو، شمس الحق ابڙو، شڪارپور، انور پرديسي خيرپور، پريل دايو سکر، خاڪي جاني بدين، غني ڪانڌڙو ڪراچي، خدا بخش ساحل بدين، صائب ميمڻ ڄامشورو، يونس رستماڻي بدين، آغا جان آغا ٽندو محمد خان، راشد منهاس، ساقي ابڙو، وفا صالح راڄپر لاڙڪاڻو، سارنگ ڪالادي گهوٽڪي، امر کتري بدين، فقير محمد انڙ ٽندو الھيار، اداس سولنگي، سيد امداد شاهه مٽياري،  غلام حيدر گهايل دادو، انور سولنگي حيدرآباد،  سڪندر جروار نوشھرو فيروز، آڪاش ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ، نجيب چانڊيو قمبر شھدادڪوٽ ۽ سهي دايو جيڪب آباد ضلعي لاءِ فارم جمع ڪرايا آھن.  واضح رهي ته سنڌي ادبي سنگت کي هڪ ڪرڻ واريون ڳالهيون ڪامياب نه ٿيڻ سبب پريل دايو جي سٿ پاران 26 نومبر ۽ احمد سولنگي سٿ پاران 27 نومبر تي الڳ الڳ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.