ادارن جي درميان ٽڪراءُ ۽ ملڪي سياست تي پوندڙ اثر

0
116
ادارن جي درميان ٽڪراءُ ۽ ملڪي سياست تي پوندڙ اثر

 ماضي ۾ حڪومتن کي گھر ڀيرو ڪري قومي ۽ صوبائي اسيمبلين کي ٽوڙڻ جي حوالي سان 58(2) بي جا اختيار ختم ٿي وڃڻ ۽ نمائشي ڏيک ڏيندڙ ايوان صدر ۾ صدارتي ڪرسي تي ويٺل ڊاڪٽر عارف علوي آئين سان وفاداري جي کنيل قسم تحت ذميواري نڀائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن جي شھباز حڪومت کي اميد نه ھئي. ھن وقت ملڪ اندر اڻ اعلانيل آئيني ڊيڊلاڪ پيدا ٿيندي نظر اچي رھيو آهي. آئيني ادارن جي درميان اهو ڊيڊلاڪ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن جي اسيمبلين جي ٽٽي وڃڻ کان پوءِ آئين مطابق 90 ڏينھن ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ تان پيدا ٿيل ڊيڊلاڪ جي صورت ۾ سامھون اچي ويو آهي. ھڪ طرف پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن جي گورنرن پاران صوبن ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ ۽ آئين مطابق کنيل قسم سان وفاداري نه ڪرڻ شامل آهي ته مٿان وري اليڪشن ڪميشن به چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ جو سبب ظاھر ڪندي پاڻ کي بيوس ثابت ڪندي آئين جي ڪيل خلاف ورزي کان پوءِ بي اختيار صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئيني ذميواري نڀائيندي پھرئين مرحلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ھڪ کان وڌيڪ خط لکي ٻنھي صوبن ۾ چونڊن جي حوالي سان مشاورت ڪرڻ سان گڏوگڏ ايوان صدر ۾ گھرايل اجلاس ۾ شرڪت جي پڻ دعوت ڏني، جيڪا چيف اليڪشن ڪمشنر سميت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قبول ڪرڻ کان نه صرف انڪار ڪري ڇڏيو، بلڪه موقف اختيار ڪيو ته صدر ان حوالي سان اجلاس گھرائي به نٿو سگھي. ان صورتحال کي سامھون رکندي صدر عارف علوي آئين تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي ايندڙ مھيني 9 اپريل تي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن ۾ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنھن کان پوءِ ھڪ طرف وفاقي وزيرن صدر عارف علوي تي سخت تنقيد ڪندي سندس ڪيل اعلان کي غيرآئيني قرار ڏنو ته ٻئي طرف آئيني قانوني ماھرن جي اڪثريت صدر جي ڪيل اعلان سان اتفاق ڪري ڇڏيو آھي.

پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ آئيني قانوني ماھر چوڌري اعتزاز احسن ھڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي موقف اختيار ڪيو ته جڏهن گورنر ۽ اليڪشن ڪميشن پنھنجي آئيني ذميواري نڀائڻ کان انڪاري ٿي وڃن ۽ ملڪ ۾ آئيني ادارن جي درميان ڊيڊلاڪ پيدا ٿي وڃي ته ان صورت ۾ صدر آئين تحت مليل اختيار استعمال ڪندي چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان ڪري سگھي ٿو. جيڪا ڳالهه ان جي قسم ۾ شامل آھي. ليڪن اصل سبب ڏسڻ جي ضرورت آھي ته اهڙي نوبت ڇو پيش آئي، گذريل سال اپريل مھيني ۾ جمھوري طريقي سان بي اعتمادي رٿ مطابق عمران خان کي ھٽائڻ کان پوءِ اقتدار ۾ آيل تيرھن جماعتن جي قيادتن توڙي اڳواڻن دعوي ڪئي ته آئيني قانوني ۽ جمهوري طريقي سان عمران خان کي ھٽائي ملڪ کي وڏي معاشي تباھي کان بچائي ورتو. جيڪڏھن عمران خان اقتدار ۾ وڌيڪ رھي ھا ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ھا. سندن دعويٰ سان ڪنھن حد تائين اتفاق ڪيو ويو ته جمھوري طريقو اختيار ڪيو ويو، اھا ٻئي ڳالھه ته تبديلي جي پويان اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد شامل ھو. بقول شاھد خاقان عباسي جي ته ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد جي بغير تبديلي اچي نٿي سگھي. انھن سڀني ڳالھين باوجود اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جمھوريت جي پرچار جو درس ڏيندڙ حڪمران طبقي ٻلي ٿيلھي مان نڪرڻ واري پھاڪي مطابق آھستي آھستي پنھنجا تيور ڏيکارڻ شروع ڪري ڏنا. ھر اھو قدم کڻڻ شروع ڪري ڏنو جيڪو سندن ذاتي مفادن ۾اچي رھيو ھو، جنھن ۾ نيب ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ نيب قانون ۾ ترميم، آءِ ايم ايف جا سخت شرط قبول ڪري ان جي ذميواري عمران خان جي مٿان وجھڻ، عمران خان ۽ ان جي ساٿين مان ڪيسن جي ڀرمار، آڊيو ۽ وڊيوز کي رڪارڊ ڪري منظرعام تي آڻڻ سميت اسيمبلين جي مدت وڌائڻ واري سوچ اچي وئي، جڏهن ته بي اختيار صدر عارف علوي کي ھٽائڻ لاءِ پڻ پر پکيڙيندي ڳجھه ڳوھ ۾ مشاورت پڻ ڪئي. ليڪن صدر کي عھدي تان ھٽائڻ جي حوالي سان گھربل اڪثريت نه ھئڻ تي دل تي پٿر رکي کيس مجبوري ۾ قبول ڪري ورتو، ليڪن سندن سوچ ۾ به نه هو ته بي اختيار صدر گذريل سال نومبر مھيني ۾ مقرر ٿيل نئين آرمي چيف جي مقرري کان وٺي مني بجيٽ جي لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ حاصل اختيار استعمال ڪري سگھي ٿو. ھاڻي جڏھن صدر صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته ھڪ طرف حڪومتي وزيرن کيس سخت تنقيد جو نشانو بنائڻ شروع ڪري ڏنو آهي ته اليڪشن ڪميشن صدر جي تاريخ سان اتفاق ڪرڻ انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ واضح طور تي آئيني ڊيڊلاڪ پيدا ٿيندي نظر پڻ اچي رھيو آهي، جنهن سان ملڪ ۾ انارڪي پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي سگھي ٿو.

پاڻ ھتي پنھنجي اخبار جي گذريل آرٽيڪل ۾ ان قسم جي خدشن جو ذڪر ڪري چڪا آھيون ته جمھوري سوچ جي ڳالھه ڪندڙن جي سوچ ڊڪٽيٽر واري سوچ ۾ ڇو تبديل ٿيندي پئي وڃي. نواز ليگ يا ايم ڪيو ايم مان ان قسم جي سوچ جي اميد ڪري سگھجي ٿي، ليڪن پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي توڙي ٻين جماعتن جي قيادتن مان ان قسم جي سوچ جي اميد نه پئي ڪري سگھجي، جن ڊڪٽيٽر واري سوچ جي خلاف جدوجھد ڪئي، پر ڪجھه گھڙين جي اقتدار جي حوس خاطر ڊڪٽيٽر شپ واري سوچ اختيار ڪري ڇڏيندا، انھن کي وقتي طور تي اقتدار جي تسڪين ملي ويندي. مستقبل ۾ کين ان ڪري به نقصان ٿي سگھي ٿو ڇو ته 50 سال پراڻو دور ناھي. سوشل ميڊيا جي دور ۾ ھڪ منٽ ۾ ڪا به ڳالھه وائرل ٿيندي دير نٿي ٿئي. اڇي ڪاري جي خبر پئجيو وڃي. بھرحال ذڪر ھو آئيني ادارن جي درميان پيدا ٿيل ٽڪراءُ جو جنھن جو جمھوري طريقي سان حل تلاش ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نظر نه پيو اچي. ذاتي انا کي ڇڏڻو پوندو. محترمه بينظير ڀٽو، نواز شريف گڏ جي ميثاق جمھوريت تي گڏجي معاھدو ڪري سگھن ٿا، شھباز شريف آصف زرداري ھڪ ٻئي کي معاف ڪري گڏجي پارليامينٽ ۾ ويھي سگھن ٿا ته پوءِ ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ شفاف غيرجانبدار چونڊن جي لاءِ پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاھر رھندڙ جماعتون گڏجي معاھدو ڪري اڳتي ھڪ قدم کڻڻ ۾ ڪھڙي خراب ڳالھه ٿي سگھي ٿي. باقي ھڪ ٻئي جي شڪل پسند نه ھئڻ زد جي نتيجي ۾ سندن صحت تي گھڻو فرق نه به پوي ليڪن ان جي نتيجي ۾ عوام جيڪو مھانگائي، بک، بيروزگاري، بدحالي کي منھن ڏئي رهيو آهي، ان صورتحال ۾ جڏهن به عوام فيصلو ڪيو ته اهو حڪمرانن جي سوچ جي ابتڙ ٿي سگھي ٿو.