عوامي ماڻهو ۽ عوامي ڳالهه مٿان ذاتي تختي

0
197
عوامي ماڻهو ۽ عوامي ڳالهه مٿان ذاتي تختي

 جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ۾ هڪ نئون رواج متعارف ٿيو ته هر ننڍي وچولي شهر جي مکيه لنگهه وٽ هڪ وڏو دروازو تعمير ٿيو، جنهن تي ان علائقي جي ڪنهن چڱي/ڏاڍي مڙس جي پيءُ يا ڏاڏي جو نالو لکيل هوندو هو. اهي چڱا يا ڏاڍا مڙس درحقيقت مشرف جا وفادارا هوندا هئا، جن کي مڪاني چونڊن جي مالي خودمختياريءَ جي نالي تي بي حساب پئسا ملندا هئا. ان کان سواءِ سٽيزنس ڪميونٽي بورڊ (سي سي بي) جي نالي تي ترقياتي فنڊن جو هڪ الڳ وهڪرو وهندو هو.

                 ان دور ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سي سي بي فنڊ مان ڪميونٽي هال تعمير ڪيا ويا، جيڪي پڻ انهن سرڪاري حامين جون اوطاقون هيون. مٿي جن دروازن جو ذڪر ٿيو، انهن هيٺان لنگهندي هر ڪنهن کي اهو پتو پوندو هو ته هو هاڻي سنڌ ۾ ڪهڙي رئيس جي جاگير ۾ داخل ٿي رهيو آهي. مشرف جي دور ۾ سنڌ جو هر ضلعو ڪنهن نه ڪنهن وڏيري يا رئيس جي ذاتي جاگير هو، جتي سمورو نظام ان جي حڪم جو محتاج هوندو هو. سنڌ ۾ ضلعن کي جاگيرن بڻائڻ وارو سلسلو مشرف جي وڃڻ کانپوءِ ڪمزور يا ختم ٿيڻ بجاءِ ويتر سگهارو ٿيو آهي. ايئن ئي اسان ننڍي هوندي کان ڏٺو ته هر روڊ رستي ۽ عوامي عمارت تي ڪو نه ڪو بورڊ لڳل هوندو هو. جنهن تي لکيل هوندو هو ته فلاڻي ايم اين اي، ايم پي اي، وزير يا چيئرمين پنهنجي هٿن مبارڪ سان هن رٿا جو افتتاح ڪيو. وڏا توڙي ننڍا وڏيرا به عام طور تي جلسن ۽ ڪچهرين ۾ چوندي ٻڌا ويندا آهن ته مون فلاڻي ڳوٺ کي فلاڻي اسڪيم ڏني.

نسل در نسل غلامي ڪندڙ عوام ويچارو اهڙن وڏيرن جا ڳڻ ڳائيندو وتندو ته سائين جن کي مالڪ آباد ڪري شابس هجيس جو اسان کي فلاڻي اسڪيم ڏنائين. جيئن ملڪ ۾ جمهوريت بحال ٿي ته وري هڪ نئون رواج عام ٿيو ته عوامي خدمت/سهولت کي ان دور ۽ صوبي جي حڪمران پارٽي جي ڪنهن بااثر اڳواڻ جي نالي سان ارپيو ويو. اهو رواج به ملڪ جي چئني صوبن ۾ عام نظر آيو ۽ اهڙين ترقياتي رٿائن جا بورڊ هر هنڌ نظر اچن ٿا. اصولي طور اهي بورڊ لڳائڻ جو به ڪنهن کي حق نه هجڻ گهرجي، ڇو ته عوام کي اهي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي ۽ انهن لاءِ رقمون ڪو به ايم پي اي، ايم اين اي يا وزير پنهنجي گهران ناهي ڀريندو. اهي سڀ پئسا عوام جي ٽيڪس مان ئي ڪٺا ٿيندا آهن. ٻي ڳالهه ته اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن جو ڪم ترقياتي رٿائون ڏيارڻ ناهي. اصولي طور کين قانونسازي ڪرڻ لاءِ اسيمبليءَ مان چونڊي موڪليو ويندو آهي. ترقياتي رٿائن وارو ڪم يا ته مڪاني حڪومتن جو آهي يا ترقيات ۽ رٿابندي واري کاتي جو آهي. هتي شروع کان قانونسازن پنهجو اصل ڪم ڇڏي ٻيا ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏني آهي ۽ قانونسازي وقت قانون جا دستاويز به پڙهڻ جي زحمت نه ٿا ڪن. ان ئي پسمنظر ۾ تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ نهايت ٺهڪندڙ حڪمنامو جاري ڪيو آهي. اخباري خبر موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر بينچ حڪم جاري ڪيو آهي ته سرڪاري (عوامي) ادارن، دروازن ۽ ٻين اهڙن عوامي ماڳن جيڪي عوامي ناڻي مان ٺهيا هجن، انهن تان زميندارن، وڏيرن ۽ خانن جا نالا ٽن هفتن اندر هٽايا وڃن. جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل بينچ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جو نالو بدلائي پير عبدالقادر شاهه جيلاني رکڻ ۽ مڪاني سرڪاري ادارن، عوامي ماڳن ۽ مکيه دروازن تي سياسي اڳواڻن جا نالا رکڻ خلاف دائر ڪيل هڪ پٽيشن تي اهڙو حڪمنامو جاري ڪيو. جسٽس صلاح الدين پنهور لاڳاپيل سرڪاري آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان سنڌ کي سردارن ۽ وڏيرن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. جڏهن مڪاني حڪومت جي آفيسر عدالت ۾ چيو ته اڪثر مکيه دروازا بااثر ماڻهن پنهنجي کيسي مان ٺهرايا آهن ته جج صاحب کيس ٽوڪيندي چيو ته جيڪي پنهنجي کيس مان ڪنهن فقير کي پنج رپيا به خيرات ۾ نه ڏيندا آهن ۽ ٻوڏ سٽيلن جا تنبو ۽ ڏهه ڪلو اٽو به کائي ويندا آهن، اهي انهن دروازن تي هڙان لکين رپيا خرچ ڪندا! هن آفيسرن کي اهو به چيو ته مڪاني حڪومتن جي قانون تي عمل ڪن ۽ ڪمدار نه بڻجن. هن اهو به واضح ڪيو ته هن محترمه بينظير ڀٽو جو نالو هٽائڻ جو ناهي چيو، جج صاحب اهو به چٽو ڪيو ته اهي مکيه دروازا ڊاهيو نه، انهن تان رڳو سردارن، خانن ۽ وڏيرن جا نالا ڊاهيو.

ياد رهي ته ان معاملي تي 24 جولاءِ 2019ع تي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان اقبال چوڌري جي بينچ سجاد چانڊيو جي هڪ ساڳي نوعيت جي پٽيشن تي ساڳي قسم جو حڪم جاري ڪري چڪي هئي، جنهن تي سرڪاري آفيسرن عمل نه ڪرايو. ان پٽيشن ۾ اهڙن 25 ماڳن جا نالا ۽ فوٽو به شامل ڪيا ويا هئا. پٽيشن ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 جو به حوالو ڏنل آهي، جنهن جي باب اٺين، شق نمبر 86 ۾ عوامي ماڳن جا نالا رکڻ يا نئين سر نالا رکڻ بابت رهنما اصول به ڏنل آهن. اهي رهنما اصول هن ريت آهن:

(1)قوم جا بنياد رکندڙ يا ملڪ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ شخصيت

(2) ملڪي يا مقامي سطح تي قوم لاءِ خدمت سرانجام ڏيندڙ ڪا بي داغ شخصيت

(3) آرٽ، ثقافت، سائنس، تعليم جي حوالي سان نمايان عوامي خدمت جي حوالي سان سڃاتل شخصيت

(4) عوامي ڀلائي لاءِ ڪنهن عمارت تعمير ڪرڻ يا اداري قائم ڪرڻ ۾ بنيادي مالي واهر فراهم ڪندڙ شخصيت

(5)حڪومت جي اجازت سان ڪنهن پرڏيهي شخصيت جو نالو

اهي پنج بنيادي اصول لاڳو ڪجن ته ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن جي نالي ڪيل ڪيترائي عوامي ماڳ ان جي ڀڃڪڙي ڪندي نظر ايندا. اهي نالا رڳو انهن شخصيتن جي مٽن مائٽن جي اقتدار ۾ هجڻ سبب ئي رکڻ ممڪن ٿيا هوندا.

باقي انهن شخصيتن جو عوامي ڀلائي يا قومي اڏاوتن ۾ ڪو هاڪاري يا نمايان ڪردار نظر نه ايندو. عوامي ماڳن تي اهي نالا رکڻ دراصل انهن شخصيتن جي ڪردار، ڪم يا قربانيءَ جي مڃتا هوندي آهي،

تنهن ڪري انهن نالن رکڻ جي ڪا اهميت ۽ حيثيت هجڻ گهرجي. رڳو اقتدار ۾ هجڻ سبب عوامي ناڻي مان قائم ٿيندڙ عوامي سهولتن جي ماڳن ۽ ادارن کي ايئن مفت ۾ پيءُ ڏاڏي جي نالي ڪرڻ جو ڪو به اصولي يا اخلاقي جواز ناهي هوندو. سنڌيءَ ۾ ان حوالي سان مشهور چوڻي آهي ته “ڪڪڙ ڪوريءَ جو نانءُ وڏيري جو.”

سياسي اڳواڻن، اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن کي اهو ياد ڏيارڻ گهرجي ته اوهان جن رٿائن جي ٻاهران تختيون ۽ بورڊ پنهنجي نالي سان لڳرائي افتتاح ڪندا آهيو، اها دراصل عوام جي امانت طور سونپيل رقم آهي، جيڪا موٽائي (جنهن مان به وڏو حصو اوهان ۽ اوهان جي خاص خدمتگارن جي کيسي ۾ ويندو آهي) اوهان عوام تي ڪو به ٿورو ناهيو ڪندا.

عوامي خدمتن جا ماڳ عوام جي ڏنل پئسن مان ٺهن ٿا ۽ انهن تي اوهان جي وڏڙن يا اوهان جي سياسي اڳواڻن جا نالا رکڻ جو ڪو به اخلاقي جواز ناهي. جن کي پنهنجي وڏڙن جي ناماچاري يا ثواب پهچائڻ جي خواهش آهي، اهي عوامي خدمت جو اهو نيڪ ڪم پنهنجي هڙان وڙان ڪن ته بهتر ٿيندو.