اجي پهرين ملاقات ۾ صفا نه وڻيو هو: ڪاجل جو انڪشاف

0
703

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي اداڪارا ڪاجول هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پهرين ملاقات ۾ اجي ديوگن سفا نه وڻيو هو.ڀارتي ميڊيا موجب اڄ 5 آگسٽ تي 47 هين سالگره ملهائيندڙ ڪاجول جي اجي ديوگن سان ملاقات 1995 ۾ ٺهندڙ فلم ”هلچل“ جي سيٽ تي ٿي هئي.ڪاجول هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ملاقات کان 10 منٽ اڳ اجي ديوگن کي ڏسندي ئي گهٽ وڌا ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو هو.اداڪارا چيو ته مان پنهنجي شوٽ جي لاءِ تيار هئيس، مان پڇيو ته منهنجو هيرو ڪاٿي آهي؟ ڪنهن اَجي ڏانهن اشارو ڪيو، جيڪو هڪ ڪنڊ ۾ ويٺو هو ۽ سگريٽ پي رهيو هو، مان انکي ڏسندي ئي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو.هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان ان وقت پڇا پئي ڪئي ته اهو ڇوڪرو ڪير آهي؟ سندس شخصيت ڪهڙي قسم جي آهي؟ ڇو ته اجي سڀني کان پري ويٺو سگريٽ پي رهيو هو.،آهستي آهستي اسان جي دوستي ٿي ۽ سيٽ تي ڳالهيون ڪندا رهندا هئاسين، ڪاجول جو چوڻ هو ته مان انهن ڏينهن ۾ ڪنهن سان ڊيٽ تي ويندي هئس ۽ پنهنجي بواءِ فرينڊ جون شڪايتون اجي سان ڪندي رهندي هيس. جنهن کانپوءِ اسانکي هڪٻئي سان وقت گذارڻ سٺو لڳڻ لڳو، اسان مان ڪنهن به هڪٻئي کي پرپوز نه ڪيو هو.ياد رهي ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور جوڙي اجي ۽ ڪاجول جي شادي 24 فيبروري 1999 ۾ ٿي هئي ۽ ڪاجول اهو ٻڌايو ته شادي کان اڳ هوءَ اجي سان پنهنجي محبوب جون شڪايتون ڪندي هئي.