ٽوڪيو اولمپڪس ۾ ڀارتي هاڪي ٽيم 41 سالن کان پوءِ ڪاميابي ماڻي ورتي

0
258

ٽوڪيو (اسپورٽس نيوز) ٽوڪيو اولمپڪس ۾ ڀارتي هاڪي ٽيم 41 سالن کان پوءِ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.ٽوڪيو اولمپڪس ۾ کيڏيل هاڪي ميچز ۾ ڀارت جرمني کي 4-5 تان شڪست ڏئي تمغو پنهنجي نالي ڪري ورتو. اها ڀارتي ٽيم جي 1980ع کان پوءِ اولمپڪس ۾ کٽيل پهريون تمغو آهي.جرمني جي رانديگر اوروز ميچ جي ٻين منٽ ۾ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي 0-1 جي سرسي ڏياري پر سمر نجيت سنگههه 17 هين منٽ ۾ گول ڪري اسڪور 1-1 سان برابر ڪري ڇڏيو.جرمني طرفان نڪولس ويلن 24 هينمنٽ ۽ پوءِ بيبيڊيٽ فرڪ 25 هين منٽ ۾ گول ڪري سرسي 1-3 ڪري ڇڏي.ميچ جي 27 هين منٽ ۾ هردڪ سنگهه ۽ 29 هين منٽ ۾ هرمن پريت گول ڪري ميچ ٻيهر برابر ڪري ڇڏيو.ميچ جي 31 هين منٽ ۾ روپندرپال سنگهه پنالٽي اسٽروڪ تي گول ڪري ڀارتي ٽيم کي ميچ ۾ پهريون ڀيرو 3-4 سان سرسي ڏياري. سمرنجيت سنگهه 34 هين منٽ ۾ گول ڪري اسڪور 3-5 ڪري ڇڏيو.ميچ جي آخر ڪورٽر ۾ ڀارت ۽ جرمني ٻنهي هڪ ٻئي جي گول تي لاڳيتو حملا ڪيا. 48 هين منٽ ۾ لاڪا ونفيڊر هڪ گول ڪري ڀارت جي سرسي کي گھٽ ڪري اسڪور4-5 ڪيو پر ان کان پوءِ ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگھي