سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) صالح پٽ ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل صحافي اجي ڪمار لالواڻي واري ڪيس جي آءِ جي سنڌ جي ھدايتن تي ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد احمد شيخ طرفان جاچ وارو سلسلو جاري آھي، ذريعن موجب مقتول صحافيءَ جي وارثن بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڄاڻايو ھو ته سيد صالح پٽ ٽائون ڪاميٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمين عنايت شاھ، اڳوڻي وائيس چيئرمين احسان شاھ اسان جي موجودگيءَ ۾ پرديپ کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ھيون ته تون اسان خلاف گھڻو لکيو آھي توکي نه ڇڏينداسين ماري خون ڪنداسين، جنھن کان پوءِ 17 مارچ 2021ع تي سيلون تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري اجي لالواڻيءَ کي قتل ڪيو. آءِ جي سنڌ طرفان جوڙيل جاچ ڪاميٽيءَ وٽ اھڙي بيان کان پوءِ صالح پٽ پوليس سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ روھڙيءَ جي عدالت ۾ ڪچو چالان جمع ڪرائيندي سيد احسان شاھ، عنايت شاھ ۽ تڏھوڪي ايس ايچ او سب انسپيڪٽر عاشق ميراڻيءَ جو نالو به شامل ڪيو آھي، جڏھن ته آءِ جي سنڌ جي ھدايتن تي ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ اِن معامري جي گھڻ رخي جاچ پڻ ڪري رھيو آھي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پوليس طرفان اجي لالواڻي واري داخل ايف آءِ آر ۾ اي ٽي سي جا قلم شامل نه ڪيا ويا ھئا، جاچ آفيسر ايس ايس پي امجد احمد شيخ ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم پڻ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي، جنھن کان پوءِ امڪان آھن تي پڪي چالان ۾ اي ٽي سي جو قلم شامل ڪيو ويندو ۽ ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ ڏانھن منتقل ڪيو ويندو. عدالت ۾ جمع ڪرايل ڪچي چالان ۾ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن غلام اڪبر منڱريو، رضا شاھ، جميل شاھ ۽ جانب ميراڻيءَ وٽان ھٿ ڪيل موبائيل فونز، ٽي ٽي پسٽل ۽ 30 گوليون ڏيکاريون ويون آھن.