ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) ٽنڊومحمدخان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ عبدالله رند ۾ 4 ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ٿيل 14 ورهين جي 8 ڪلاس جي شاگرد بچو ڪولهي جي قتل ۾ مک جوابدار سندس سوٽ مٿان ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ٽنڊومحمدخان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ عبدالله رند ۾ 4 ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ٿيل 14 ورهين جي 8 ڪلاس جي شاگرد بچو ڪولهي جي قتل جي آيف آئي آر سندس پيءِ ڏيوجي ڪولهي جي فرياد تي قتل ٿيندڙ نينگر جي سوٽ ويرجي عرف چونچو مٿان داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته بلڙِي شاهه ڪريم پوليس جوابدار جي گرفتاري اڃا تائين ظاهر نه ڪئي آهي. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ڊي ايس پي بلڙِي شاهه ڪريم سيد مجاهد حسين شاهه ٻڌايو ته قتل واري ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي گرفتار ٿيل جوابدار ويرجي عرف چونچو پوليس آڏو قتل جو اعتراف ڪيو آهي ته سندس زال سان سندس سوٽ بچو ڪولهي جا ناجائز لاڳاپا هئا غيرت ۾ اچي کيس قتل ڪيو اٿم، ڊي ايس پي موجب ، جوابدار جي گهر واري کان پڻ پوليس جاچ ڪئي آهي جنهن ۾ هن پوليس کي ٻڌايو آهي ته بچو مون سان زبردستي ڪندو رهندو هو ۽ ڪيترا ڀيراسندس مائٽن کي به شڪايت ڪئي پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو جنهن تي منهنجي مڙس ڪاوڙجي انتهائي قدم کنيو آهي، هوڏانهن فريادي قتل ٿيندڙ شاگرد جي پيءِ ڏيوجي ڪولهي ٻڌايو ته بچو جي قتل ۾ ويرجي ڪولهي ملوث آهي جنهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي هاڻي پوليس جو فرض آهي ته جاچ ڪري مون کي انصاف فراهم ڪري.