اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مملڪتي پرڏيهي وزير حنا رباني کر، ناڻي وزير مفتاح اسماعيل سان  فون تي رابطا ڪيا. وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف سان فون تي رابطو ڪيو ۽ فيٽف گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ هدف مڪمل ڪرڻ جي اعلان تي مبارڪون ڏنيون، ڪور سيل جي قيام واري فيصلي جي ساراهه به ڪئي. وزيراعظم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي گري لسٽ مان نڪرڻ وارا هدف پورا ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون، شهباز شريف چيو ته سول ملٽري قيادت ۽ ٽيم کي شاباش ڏيون ٿا، پاڪستان جي فتح لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيم جي هر فرد تي قوم کي فخر آهي، پرڏيهي وزارت جي پوري ٽيم واڌاين جي حقدار آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سموريون ڪوششون ڪتب آڻي ملڪ کي هر مشڪل مان ڪڍڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندس. هوڏانهن وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آرمي چيف طرفان قائم ڪيل ڪور سيل گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ ڪاميابين ۾ مُکيه ڪردار ادا ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ راهه هموار ٿيڻ تي عوام کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري ويندو، اُن لاءِ ڪوشش ڪندڙ سول ۽ ملٽري ٽيم کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو کي به واڌايون ڏيون ٿا جو سندس قيادت ۾ ٽيم کي اهم ڪاميابي ملي، هن چيو ته قوم کي مايوسي ۽ بدترين معاشي حالتن مان ڪڍي خوشحالي آڻڻ لاءِ ڪوشش جاري رکي ويندي.