اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي مامرن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته اڃا ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل شروع ٿيو آهي، جشن ملهائڻ وقت کان اڳ هوندو، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ موثر قدم کنيا، خوشي آهي ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي ڪليئر   ڪري ڇڏيو آهي،  هن چيو ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي شرطن کي مڪمل طور تي تسليم ڪيو آهي، اميد آهي ته ايف اي  ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ بعد پاڪستان جي معيشت بهتر ٿيندي، ايف اي ٽي ايف جي ٽيم مشاورت بعد پاڪستان ايندي، اميد آهي ته آڪٽوبر تائين پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل مڪمل ڪري وٺندو، هن چيو ته ايف اي ٽي ايف سان پاڪستان جو تعاون اسان جي حڪمت عملي جو حصو آهي، اسان ايف اي ٽي ايف سان رابطي ۾ آهيون، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايف اي ٽي ايف جا شرط مشڪل هيا، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن کي شرط پورا ڪرڻ لاءِ  ٻن ايڪشن پلانن تي هڪ ئي وقت ڪم ڪرڻو پيو، اهو سفر ختم نه پر ان جي شروعات ٿي آهي، اسان کي ڪوششون جاري رکڻيون آهن، ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان جڏهن ڪنهن ملڪ کي ڪڍيو  ويندو آهي ته ٽيڪنيڪل ٽيم ان ملڪ جو دورو ڪندي آهي. حنا رباني کر چيو ته ڪريڊٽ سڀني کي ڏيون ٿا، جن کي ڪريڊٽ کپي ٿو انهن کي به ڪريڊٽ ڏينداسين، گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ اڃا آخري ۽ اهم مرحلو رهيل آهي، هن چيو ته فيٽف ٽيم جي دوري دوران سمورا معاملا خاموشي سان اُڪلائڻا آهن، فيٽف ٽيم جي دوري کي سياسي بڻائڻ سان پاڪستان کي نقصان پهچندو.