اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان مهانگائي خلاف احتجاج  جو سڏ نه ڏئي، مهانگائي ۽ معاشي تباهي جو اعتراف ڪري، الله ۽ عوام کان معافي وٺي. هن چيو ته عمران خان پاڻ بني گالا ۾ لڪي ويهي ٿو ۽ عوام کي روڊن تي گهرائي رهيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عوام ڄاڻي ٿو، مهانگائي جي تباهي عمران خان آندي، عمران سازش ڪئي ته پاڪستان ڏيوالو ٿي وڃي، موجوده حڪومت ملڪ ۽ عوام کي بچائڻ لاءِ آئي آهي.