آچر تي بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، ملڪ جِي قسمت جو فيصلو ٿيندو: وزيراعظم عمران خان

0
213

آچر تي بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، ملڪ جِي قسمت جو فيصلو ٿيندو: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته، ماڻهن چيو استعيفيٰ ڏيو، زندگي ۾ ڪڏهن به شڪست تسليم ناهي ڪئي، آخري بال تائين مقابلو ڪندس، جيڪو به نتيجو اچي، وڌيڪ مضبوط ٿي سامهون ايندس

قوم کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان ڌمڪين واري خط بابت ڳالهائيندي غلطي مان امريڪا جو نالو کڻي ويو ۽ پوءِ چيو ته مونکي ملڪ جو نالو نه وٺڻو هو، انهن ٻاهرين ماڻهن کي اڳواٽ ئي خبر پئجي وئي ته اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻي رهي آهي، مطلب اپوزيشن ۽ ٻاهرين ماڻهن جو هڪ ٻئي سان رابطو هو

وزيراعظم اپوزيشن قيادت کي مير جعفر ۽ مير صادق قرار ڏيندي چيو ته آچر تي قوم سان غداري ٿيڻ پئي وڃي، ڦري ويل ميمبرن ۽ انهن کي هينڊل ڪندڙن کي قوم معاف نه ڪندي، اميد آهي ته سنڌ هائوس ۾ موجود اسان جا ماڻهو ضمير مطابق فيصلو ڪندا