آمريڪا بابت تصوير جو ٻيو رخ ڏسڻ جي ضرورت

0
377

سال 2011ع ۾ ڪينيڊا ۾ منهجي آفيس طرفان مون کي آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي سمنڊ ڪناري خوبصورت شهر سين ڊياگو San Diego جي ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيل پنجن ڏينهن واري هڪ ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. هي ڪانفرنس آمريڪا جي جڳ مشهور بين الاقوامي سافٽ ويئر ٺاهڻ واري ڪمپني ESRI (Environmental System Research Institute) جيڪا دنيا ۾ Geographic Information Systems جا سافٽ ويئر ٺاهڻ واري پهريون نمبر ڪمپني آهي ان پاران هر سال جولائي جي مهيني ۾ منعقد ڪئي ويندي آهي جتي سڄي دنيا مان هر سال تقريبن 15000 ماڻهو ايندا آهن. هي منهنجو زندگي ۾ آمريڪا وڃڻ جو پهريون موقعو هو. ان کان بعد ته خير آمريڪا وڃڻ ڪافي دفعا ٿيو آهي ۽ اڃان به ٿيندو رهندو آهي ۽ هر دفعي ڪافي نيون شيون ڏسڻ وٽان ملن ٿيون.

                 ان کان پهرين منهجي ذهن ۾ آمريڪا بابت ويچار ڪي ايڏا سٺا ڪونه هئا. ان جو سبب شايد هڪ ته دنيا ۾ سندس سياسي ڪردار جي ڪري ۽ ٻيو پاڪستان ۾ ڪن سياسي سببن جي ڪري به اسان عام ماڻهن کي هن ملڪ بابت هڪ نفرت تي ٻڌل پروپئگينڊا جي ڪري به ان ملڪ جو تصور ڪافي خراب وڌو ويو آهي. لازمي دنيا ۾ ڪا به شيءَ مڪمل سٺي يا مڪمل خراب ڪونه هوندي آهي. ان لاءِ بهتر هوندو آهي ته سڪي جا ٻئي پاسا ڏسڻ کپن. ان لاءِ جڏهن پنجن ڏينهن واري ان ڪانفرنس ۾ صبح کان شام تائين مون آمريڪا جي مختلف ڪمپنين، ريسرچ جي ادارن، يونيورسٽين، غير سرڪاري ادارن، فلاحي ادارن، پلاننگ جي ادارن، قدرتي وسيلن، جنگلات، ۽ ماحوليات جي ادارن، وفاقي رياستي ۽ شهري حڪومتن پاران سندن ڪمن بابت ڏنل پريزنٽيشنز ۾ ۽ انهن ماڻهن سان روبرو گفتگو ۾ يا انهن ادارن جي ٺهيل بوٿ تي وڃي جنهن نموني جا شاهڪار ڪم ڏٺا ته يقين ڄاڻو منهجو USA يا جنهن کي پاڻ عام طور آمريڪا چوندا آهيون ان ملڪ جي تصوير جو جڏهن مون ٻيو رُخ  اتي پهچڻ کان پوءِ پنهجي اکين سان ڏٺو ته واقعي منهجو دماغ دنگ رهجي ويو. ته اسان هن ملڪ سان سندس بين الاقوامي سياسي ڪردار جي ڪري رڳي نفرت ڪرڻ ئي سکي آهي يا سيکاري وئي آهي. اسان لاءِ ڄڻ آمريڪا جو هر ماڻهو صدر بُش آهي! جنهن سان اسان جي عام ماڻهن جي ذهنن ۾ صرف اها ڳالهه آهي ته آمريڪا معنيٰ ان سان نفرت ڪرڻي آهي ڄڻ اتي ڪا سُٺائي واري ڳالهه آهي ئي ڪانه! اسان ڪڏهن اهو سوچڻ جي تڪليف ڪئي ئي ڪونهي ته ان ملڪ جي سپر پاور هجڻ پٺيان ان ملڪ جي رڳي فوجي طاقت نه پر ان جي معيشت، جمهوريت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي ڌيان، نيون شيون ايجاد ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ۽ ان بابت جوڙيل همت افزائي وارو ماحول، ڪارخانا، تعليم تي فوڪس، ادارن جي مضبوطي ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي جنهن مان اسان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا. پر اهو سڀ ڪجهه به صرف تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن اسان پهرين ان ملڪ جي تصوير جي ٻي رخ کي ڏسڻ بابت پنهجن ذهنن ۾ بند ٿيل دروازي کي کولي ان ۾ ٿوري جڳهه ٺاهينداسين.

ان ڪانفرنس ۾ مونکي اها ڳالهه ب ڏاڍي اچرج واري لڳي ته جنهن ايڏي وڏي ڪمپني اها ڪانفرنس منعقد ڪرائي آهي ان ڪمپني جو ڊالرن ۾ ارب پتي ماڻهو پر طبيعت م صفا شفيق مالڪ Jack Dangermond جيڪو ان وقت عمر ۾ تقريبن 66 سالن جو جهونو ٿيندو هاڻ سندس عمر تقريبن 76 سال آهي اهو پنهجي سنڌ يا پاڪستان جي وڏيرن يا سياستدان يا ڪامورن يا سيٺن وانگر اڳئين قطار ۾ ڪي گلن جا هار پائي ويهڻ جي بدران ڪانفرنس جا پنج ئي ڏينهن صبح کان شام تائين پاڻ سڄو سڄو ڏينهن اسٽيج تي بيهي ان ڪانفرنس جي ميزباني جا فرض نڀائيندو رهيو ۽ ،نجهد حد درجي جي ايڏي عاجزي جو بار بار پيو آيل مهمانن کان پڇندو هو ته اوهان کي ڪا تڪليف ته ڪانهي. هڪ دفعي اسٽيج تي سندس ڪافي جو گلاس هارجي ويو ته ڪپڙو کڻي پاڻ لڳي ويو صفائي کي.

ان ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي ڏورانهين رياست هوائي جيڪا پئسفڪ سمنڊ ۾ ڪجهه جزيرن تي مشتمل آهي ان جي گادي واري شهر هونولولو جي ميئر جنهن کي پنهجو ثقافتي لباس اوڍيل هو ان ٻڌايو ت ڪيئن هنن پنهجي ان جزيري تي گهٽ پئسن سان بهترين ريلوي لائن وڇائي وڌ کان وڌ شهرين کي ان جو فائدو ڏنو ۽ ان ۾ ڪهڙي نموني انهن نقشن ٺاهڻ وارا اهي سافٽ ويئر استعمال ڪيا جن بابت هي ڪانفرنس ٿي رهي هئي. دل ۾ سوچيم ته اتي اسان وارا سياستدان هجن ها ته ان ايڏي وڏي پراجيڪٽ مان پهرين پنهنجو حصو پتي ڪڍن ها!

 ان ڪانفرنس ۾ هڪ ڏينهن منهنجي ESRI ڪمپني جي ان مالڪ  Jack Dangermond سان ملاقات ٿي، مون کان حال احوال ورتائين ته توهان ڪٿان کان آيا آهيو؟ هن مون کان اهو ٻڌي انتهائي خوشي محسوس ڪئي ته آئون پاڪستان جي صوبي سنڌ جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ مان نڪري ڪيئن هن خاص قسم جي سافٽ ويئر جي فيلڊ ۾ ڄاڻ حاصل ڪري مٿي اچي ان قابل ٿيو آهيان جو اڄ آمريڪا جي شهر سين ڊياگو ۾ ڪينيڊا ۾ موجود پنهجي اداري جي نمائندي طور دنيا جي بهترين پروفيشنلز سان گڏ هي ڪانفرنس پيو اٽينڊ ڪريان. ان تي مونکي ڏاڍي پيار سان ڀاڪر پائي شاباسي به ڏني ۽ ڏاڍو خوش ٿيو.

 آمريڪا ۾ کوڙ برايون به هونديون پر آئون سمجهان ٿو ته سندس چڱاين جو پلڙو به ڪافي ڀاري آهي. مثال هن ملڪ جو اعليٰ تعليمي معيار، يونيورسٽين جو معيار ۽ ان ۾ تحقيق جو ڪردار، ريسرچ جا شهڪار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ گهڻو اڳتي، بهترين ذهنن جو قدر ڪرڻ ۽ انهن کي موقعا فراهم ڪرڻ پوءِ ڀلي هو ڪهڙي به رنگ نسل يا مذهب سان تعلق رکندڙ هجي، پنهجي ڪم سان عشق جي حد تائين سچائي، ٽيم ورڪ واري عادت، پنهجي تحقيقي ڪمن ۾ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پنهجيون زندگيون ارپڻ کان ويندي پنهجي ملڪ جي ادارن کي ٺاهڻ واري سوچ اسان کي ڇو ڪونه ڏيکاري وئي آهي جنهن مان اسان به ڪو لاڀ پرايون ها؟ هاڻ ته انٽرنيٽ جو زمانون آهي.

 نوجوانن کي فزيڪلي آمريڪا، يورپ، ڪينيڊا، آسٽريليا جهڙن سڌريل ملڪن ۾ جيڪڏهن وڃڻ جو موقعو ملي ته تمام سٺو پر جي نه تڏهن به انٽرنيٽ ذريعي انهن ملڪن بابت گهڻي ڄاڻ ملي سگهي ٿي ۽ اتي جي ادارن سان گڏجي ريموٽلي پنهجي ملڪ ۾ ويهي به گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو. ضرورت صرف ان امر جي آهي ته اسان پنهجون سوچون تبديل ڪريون ۽ حقيقت پسند ٿي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي ڪريون، دنيا جي سڌريل ملڪن مان سکون ن ته اڃان به گهڻون پوئتي رهجي وينداسين.