ڪراچي بارود جي ڍير ۾ تبديل ٿي رهيو آهي

0
227
18 آڪٽوبر جو جلسو پاڪستان جي ماڻهن تي قرض آهي

سنڌ جي گادي وارو هنڌ ڪراچي شهر گهڻي تيزي سان بارود جي ڍير ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. ڪنهن منصوبا بندي کان سواءِ  بنا ترتيب جي هي شهر پکڙجي رهيو آهي. هڪ تازي رپورٽ مطابق شهر جي اڌ آبادي کان وڌيڪ آبادي ڪچي ۽ گندي وستين (Slums)۾ رهي ٿي ۽ اهو تناسب وڌندو پيو وڃي. شهر جون پڪيون وسنديون به بلڊنگ ڪنٽرول نه هجڻ ۽ حددخلين جي ڪري ڪچي ۽ گندي آبادين۾ تبديل ٿي رهيون آهن. اهڙي طرح شهر جي وڏي ۽ اڪثريتي آبادي پاڻي، بجلي، گئس، صفائي ،صحت،تعليم،ٽرانسپورٽ۽انفراسٽرڪچر ۽ ٻين ناڪافي سهولتن سان گڏوگڏماحوليات جي سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي .انهن مسئلن جي ڪري خوفناڪ سماجي ،نفسياتي ۽ سياسي مسئلا پيدا ٿي چڪا آهن.اهي مسئلا بارود جو ڍير آهن جن ۾ لڳاتار واڌارو ٿي رهيو آهي .بارود جي ڍير جي هيٺان نسلي،لساني ،گروهي ،طبقاتي ۽ سياسي ٽڪرائن جا ٽانڊا  دکي رهيا آهن.

ڪراچي شهر جي لاءِ مختلف مغالطن کي فوري طور ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.پهرين ڳالهه اها آهي ته ڪراچي هاڻي اهو شهر ناهي رهيو جيڪو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ هو.هن شهر جون حدون به گهڻيون پکڙجي چڪيون آهن ۽ هتي رهندڙ آبادين جي مختلف گروهن جو تناسب به تبديل ٿي ويو آهي .اڄ به اسان جا وزير،ميئر ۽ ايڊمنسٽريٽر برسات ۾  صرف انهن علائقن جو  دورو ڪري فوٽو سيشن ڪرائين ٿا جن علائقن کي 80ع جي ڏهاڪي تائين شهر سمجهيو ويندو هو. ڪراچي شهر گهڻو پکڙجي چڪو آهي .ڏکڻ ۾ هي  بحيره عرب جي ڇڏيل زمينن کي هڙپ ڪري رهيو آهي. اتراولهه ۾هي بلوچستان جي شهر حب سان وڃي مليو آهي. اتر ۾ ڪراچي شهر وڃي ڄامشوري ضلعي جي حدن ۾ داخل ٿي چڪو آهي.ڪجهه عرصي کانپوءِ حيدرآباد جا شهري علائقا به ڪراچي جي شهري علائقن سان ملي ويندا.اوڀر ۾ ڪراچي کان ٺٽي تائين هڪ شهر ٺهڻ پيو وڃي .هن وقت ڪراچي ۽ ان جي ڀرپاسي جا شهر ڏکڻ ايشيا جا سڀ کان وڏا “اربن سينٽر ”۾ تبديل ٿي رهيا آهن.جن جي پوليٽيڪل ڪيمسٽري به تبديل ٿي چڪي آهي.

گلوبل لوايبلٽي (Livability)انڊيڪس 2019ع جي مطابق رهڻ جي لائق شهرن ۾ ڪراچي جو ڳاڻيٽو آخري ڏهه نمبرن وارن  شهرن ۾ ٿئي ٿو.هي هڪ حقيقت آهي ته ڪراچي نه رڳو رهڻ جي لائق شهر ناهي رهيو پر انتظام لائق به شهر ناهي رهيو.شهر جي صرف 20 سيڪڙو آبادي پوش علائقن ۾  رهي ٿي،جيڪي رهڻ لائق آهن.باقي ڪراچي جي 80 سيڪڙو آبادي بنيادي سهولتن  جي عدم دستيابي ،بيمارين جي خطرن ۽ سياسي ٽڪرائن ۾ ڦاٿل آهي .

شهر کي هن تباهي تائين پهچائڻ جا ڪيترائي سبب آهن پر سڀني کان وڏو سبب اهو آهي ته ڪراچي جي زمينن تي رٿابندي کانسواءِ آبادين کي  ٺهڻ ڏنو ويو .ڪراچي جي زمينن تي جنهن نموني قبضا ڪيا ويا ان جو دنيا ۾ ڪٿي مثال نه ٿو ملي.دنيا جي ڪنهن به ملڪ يا شهر ۾ ايترا ادارا نه ٿا ملن جيڪي زمين ورهائين يا الاٽ ڪن،جيترا ڪراچي ۾ آهن.آئين پاڪستان جي مطابق  هونئن ته زمين صوبائي حڪومت جي ملڪيت هوندي آهي ۽ بورڊ آف روينيو کي زمين ڏيڻ يا الاٽ ڪرڻ جو اختيار هوندو آهي پر ڪراچي ۾ بورڊ آف روينيو  کانسواءِ  وڌيڪ18 ادارا زمين الاٽ ڪندا آهن يا هائوسنگ اسڪيمون يا ڪچيون آباديون قائم ڪندا آهن.انهن ادارن کي توڙي جو زمينون بورڊ آف روينيو ئي ڏيندو آهي  اهي  نه رڳو پنهنجا اختيار اورانگهيندا آهن پر زمين کي انهي مقصدن خلاف به استعمال ڪندا آهن جن مصقدن لاءِ کين زمين ڏني ويندي آهي.انهن ادارن جي آفيسرن ۽ قبضا مافيا جي ڳٺجوڙ  سان ئي غير قانوني قبضا ٿيندا آهن. انهن ادارن ۾ صوبائي حڪومت جي ماتحت 8  سرڪاري ادارا آهن جن ۾ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي )ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي )ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي)لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايل ڊي اي)ڪو آپريٽو ڊپارٽمينٽ،ڪچي آباديز اٿارٽي،ڳوٺ آباد اسڪيم،۽اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊشامل آهن.اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ کانسواءِ باقي سڀني ادارن کي سنڌ حڪومت هائوسنگ اسڪيمن لاءِ زمين ڏني پر اهي ادارا پنهنجي حدن کي اورانگهيندا رهياآهن.انهن ادارن کي صوبائي حڪومت جا “سسٽم”هلائيندا آهن.هر سسٽم تمام گهڻو پيسو ڪمائي ڏيندو آهي.سسٽم تحت ڪراچي کي ڪچين آبادين  ۽ ڳوٺن جي شهر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.ڪجهه ادارا اهڙا آهن جيڪي وفاقي سرڪار جي ماتحت يا پرائيويٽ آهن انهن کي به هائوسنگ اسڪيمن لاءِ زمين ڏني ويندي آهي.اهي به پنهنجي حدن کي اورانگهيندا آهن.انهن ۾ خاص ڪري ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي)۽ بحريه ٽائون خاص  ذڪر لائق آهن. وفاقي حڪومت جي ڪجهه ادارن کي خاص مقصدن لاءِ زمين ڏني وئي . اهي ادارا انهن زمينن تي هائوسنگ اسڪيمون نه ٿا ٺاهي سگهن پر انهن به اتي اسڪيمون ٺاهي ڇڏيون آهن.انهن ۾ ڪراچي جا 6 ڪينٽونمينٽ بورڊز ،ڪراچي پورٽ ٽرسٽ،پورٽ قاسم اٿارٽي،پاڪستان اسٽيل،پاڪستان ريلوي، ايئر فورس،نيوي ۽ ٻيا ادارا شامل آهن.اهي ادارا نه رڳو پنهنجون هائوسنگ اسڪيمون ٺاهين ٿا پر ادارن ۽  پرائيويٽ ماڻهن کي زمين به وڪرو ڪري رهياآهن.هر ادارو پنهنجي مرضي سان ٽائون شپ،هائوسنگ اسڪيمون،ڪچيون آباديون،ڪالونيون ۽ ڳوٺ ٺاهي رهيو آهي.تيزي سان پکڙجندڙ هن شهر جو نه ته ڪو ماسٽر پلان ٺاهيو ويو آهي نه ئي انهن آبادين تي هڪجهڙو ڪو قانون لاڳو ٿئي ٿو.مسئلن جي بارود کي شهر مان صاف ڪرڻ ۽ انهي جي هيٺيان سماجي سياسي ٽڪرائن جي دکندڙ ٽانڊن کي وسائڻو آهي ته ڪراچي جي زمينن جي ورهاست کي روڪڻو پوندو۽بورڊ آف روينيو کي “سسٽم ”جي تحت هلائڻ بدران قانون مطابق هلائڻو پوندو. هن وقت تائين جيڪي ڪچيون آباديون ۽ ڳوٺ ٺهي چڪا آهن انهن کي بلدياتي ادارن جي  منصوباندي ۽ بجيٽ ۾ شامل ڪرڻو پوندو، اتي قانون لاڳو ڪرڻا پوندا.اتي جي رهواسين کي رهڻ لائق ماحول مهيا ڪرڻو پوندو. پڪين وسندين کي ڳتيل ۽ گندين آبادين ۾ تبديل ٿيڻ جي عمل کان روڪڻو پوندو.نظرانداز ڪيل آبادين کي بلدياتي سهولتون ۽ انفراسٽرڪچر  جي فراهمي لاءِعالمي بينڪ جي رپورٽ مطابق10 ارب ڊالرز جو بندوبست ڪرڻو پوندو.هائوسنگ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ وڌيڪ ڪچيون آباديون نه ٺاهڻ لاءِ ڪي ڊي اي اسڪيم42،36 ۽45 سان گڏوگڏ تيسر ٽائون۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪري آبادي کي اتي منتقل ڪرڻو پوندو. ڇو ته اهي ٽائون شپ جي منصوبابندي تحت ٺاهيا ويا آهن.جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ڪراچي کي بدامني جي باهه ۾ ساڙي ملڪي ۽ بين الاقوامي سياسي هدف حاصل ڪندڙ قوتون ڪراچي جي حالتن جي ڪري پهريان کان وڌيڪ مضبوط ۽ بهتر پوزيشن ۾ آهن