ڪراچي (پ ر ) ريلوي جي مختلف يونينن جي گڏيل اجلاس ۾ آل پاڪستان ريل مزدور گرانڊ الائنس ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو،اجلاس ۾ ريلوي وزير جي مزدور دشمن پاليسين جي مذمت ڪندي آئوٽ سورس ٽرينن کي سستي اگهه تي ڏيڻ وارو ٺيڪو فوري طور رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو ته مزدور دشمن پاليسيون ختم نه ٿيون ته ريلوي جي سمورن شعبن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويندو