حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي پاران 6 ڏينهن واري پوليو مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جعفر پٺاڻ گورنمينٽ پريٽ آباد اسپتال ۾ ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئاري مهم جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي ڊي ايچ او ٻڌايو ته ضلعي ۾ 5 سال جي عمر جي 2 لک 89 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئاريا ويندا، جنهن لاءِ 1443 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جڏهن ته 120 فڪسڊ ۽ 38 ٽرانزسٽ ٽيمون به مهم ۾ شامل ڪيون ويون آهن. لالا جعفر پٺاڻ چيو ته پهرين آگسٽ کان 6 آگسٽ تائين لاڳاپيل ليڊي هيلٿ ورڪرز توڙي پوليو ٽيمون گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئارينديون جن کي سختي سان ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.