آرمي چيف جنرل عاصم منير پاران گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر جو دورو

0
125
آرمي چيف جنرل عاصم منير پاران گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر جو دورو
آرمي چيف جنرل عاصم منير پاران گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر جو دورو

آرمي چيف جنرل عاصم منير پاران گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ويو، آرمي چيف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي

 آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات دوران والاريل ڪشمير ۽ غزه جي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون

 آرمي چيف چيو ته ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ٿيڻ گهرجي، ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ٿي نه ٿو سگهي

 آرمي چيف والاريل ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪرڻ وارين هڪ طرفي ڀارتي ڪوششن جي مذمت ڪئي، ڀارتي ڪوششون سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ڀڃڪڙي قرار ڏني وئي