ڪراچي: آبادگار تنظيمن پاران نقلي ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائن جي وڪري تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، جنهن تي زراعت کاتي جي اختيارين پاران نقلي زرعي ڀاڻ، ٻج ۽ دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن جي  رجسٽريشن رد ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. صوبائي صلاحڪار  منظور وساڻ آبادگارن اڳواڻن کي خاطري ڪرائي ته نقلي ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائن جي وڪري کي روڪڻ لاءِ سخت مانيٽرنگ ڪري اهڙي عمل ۾ ملوث ڊيلرن جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي.