اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت نُنهن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار سينيئر صحافي اياز امير کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي، پوليس 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي هئي
سينيئر صحافي کي اياز امير کي سندس پٽ شاهنواز سوڌو عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، اياز امير چيو ته پنهنجي ننهن جي قتل جو اطلاع پوليس کي مون ئي ڏنو هو، مقتوله جي وارثن سان همدردي آهي
سینئر صحافی ایاز امیر کا ایک روزہ جسمانی ریمانڈ منظور pic.twitter.com/vfl0AYy4ub
— Khurram Iqbal (@khurram143) September 25, 2022
اياز امير موجب پنهنجي پٽ سان شادي کان اڳ سارا کان پڇيو هيم ته ڇا تو کي خبر آهي ته هن جون اڳ به ٻه شاديون ٿيل آهن
اياز امير جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ آر ۾ نالو نه هئڻ باوجود پوليس اياز امير کي گرفتار ڪيو آهي، پوليس موقف اختيار ڪيو ته هاءِ پروفائل ڪيس هئڻ سبب اياز امير کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻو پوندو
ھي به پڙھندا
ننھن جو قتل: شاھنواز جو جسماني رمانڊ منظور: اياز امير ۽ سندس زال جا وارنٽ جاري