نُنھن جو قتل:سينيئر صحافي اياز امير ھڪ ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
296

I 'suspected wife Sara had affair with someone': Shahnawaz Amir

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت نُنهن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار سينيئر صحافي اياز امير کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي، پوليس 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي هئي

سينيئر صحافي کي اياز امير کي سندس پٽ شاهنواز سوڌو عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، اياز امير چيو ته پنهنجي ننهن جي قتل جو اطلاع پوليس کي مون ئي ڏنو هو، مقتوله جي وارثن سان همدردي آهي

اياز امير موجب پنهنجي پٽ سان شادي کان اڳ سارا کان پڇيو هيم ته ڇا تو کي خبر آهي ته هن جون اڳ به ٻه شاديون ٿيل آهن

اياز امير جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ آر ۾ نالو نه هئڻ باوجود پوليس اياز امير کي گرفتار ڪيو آهي، پوليس موقف اختيار ڪيو ته هاءِ پروفائل ڪيس هئڻ سبب اياز امير کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻو پوندو

ھي به پڙھندا

اڳوڻي ايم اين اي اياز امير جي ننهن جو لاش هٿ، پٽ گرفتار

ننھن جو قتل: شاھنواز جو جسماني رمانڊ منظور: اياز امير ۽ سندس زال جا وارنٽ جاري