ننھن جو قتل: شاھنواز جو جسماني رمانڊ منظور: اياز امير ۽ سندس زال جا وارنٽ جاري

0
201

اسلام آباد: زال کي قتل ڪرڻ جَي الزام ھيٺ گرفتار سينيئر صحافي اياز امير جَي پٽ شاھنواز کي ٻن ڏينھن جَي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آھي

گذريل ڏينھن زال کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار شاهنواز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر جوابدار شاهنواز جي والدين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته توهان جوابدار جي والدين جا گرفتاري وارنٽ ڇو ٿا چاهيو؟

جاچ آفيسر جواب ڏنو ته جوابدار شاهنواز جي والدين کان جاچ ڪرڻي آھي، جنهن تي عدالت سينيئر صحافي اياز امير ۽ سندس گھر واري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

جنهن بعد عدالت جوابدار شاهنواز جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ياد رهي ته شاههنواز گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ پنهنجي گهرواري ساره کي مٿي تي لوهي راڊ جو وار ڪري بيهوش ڪري پاڻي ۾ ماري ڇڏيو ھو