لاڙڪاڻو:  پيش آيل واقعي بعد ڊاڪٽرن جي تنظيم پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن سميت ينگ ڊاڪٽرس ايسوسئيشن ۽ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن طرفان احتجاج طور بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. جنهن سبب حادثن واري شعبي ۾ داخل مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ۽ ڪيترائي مريض اسپتال ۾ تڙپندا رهيا. ڊاڪٽرن ۽ عملي جي غيرموجودگي ۾ ڪيترن ئي مريضن کي سندن وارثن اسٽريچر ۽ ايمبولينس توڙي ٻين گاڏين جي ذريعي کڻائي شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم خانگي ميڊيڪل سينٽرن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پنجن ڪلاڪن کان پوءِ ايس ايس پي لاڙڪاڻو آصف رضا بلوچ جي هدايتن تي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي حادثن واري شعبي ٻاهران مقرر ڪري ايمرجنسي وارڊ کي کولرائي ڇڏيو جنهن کان پوءِ مريضن کي طبي امداد ڏني وئي. ٻئي طرف چانڊڪا اسپتال ۾شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي ڀائيٽي  فوت ٿيڻ واري معاملي کانپوءِ ڊاڪٽر توڙي عملو حادثن واري شعبي ۾ ڊيوٽي جو بائيڪاٽ ڪري هليا ويا.ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو واسي نوجوان شهزور مگسي مبينا طور علاج نه ملڻ ڪري اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.وارثن احتجاج ڪندي  الزام لڳايو ته چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ وقت سر ڪتي ڪکڻ جي ويڪسين نه لڳائڻ توڙي علاج نه ملڻ جي ڪري نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.هوڏانهن اسپتال انتظاميه جي خاطري تي وارثن احتجاج ختم ڪري لاش کڻائي ٻيڙو چنڊيو روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.