ميهڙ: ميهڙ تعلقي ۾ 9 کان 10 فُٽ ٻوڏ جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي، سوين ڳوٺ، وسنديون، ويڙها، گهر ۽ دڪان پاڻي ۾ ٻڏل آهن، عورتن ۽ ٻارن سوڌو هزارين ماڻهو ڀاڙا ڀري ٻيڙين ذريعي لڏپلاڻ تي مجبور آهن
ڳوٺن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي انتظاميا سار نه لڌي، متاثر خوراڪ، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين بُنيادي ضرورتن لاءِ پريشان آهن
رستن ۽ بندن جي ڪنارن تي متاثر امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن، سُپريو بند، ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند کي گهارن ۽ سِم نالو ٽٽڻ بعد ٻوڏ جي پاڻي ميهڙ تعلقي ۾ تباهي آندي
ايم اين وي ڊرين جو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ٿيڻ بعد ميهڙ شهر جي آخري ڊفينس لائين رنگ بند تان دٻاءُ گهٽجڻ لڳو آهي، 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي جي سطح ۾ وڌيڪ اڌ فُٽ لاٿ، شهرين طرفان بند جي چوڪسي جاري آهي
ھي به پڙھندا
يون سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻوڏ جي تباهي جي جائزي لاءِ پاڪستان پهچي ويو