دادو/سيوهڻ/ ڀان سيد آباد/ميهڙ /جوهي(نمائندن وٽان) تاريخي شهر ٽلٽي ٻڏي ويو، ڀان سيد آباد کي بچائڻ لاءِ ايل ايس بند کي 3 ڪٽ ڏنا ويا، پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ٿيڻ لڳو، ايم اين وي ڊرين ۾ لاٿ اچڻ بعد دادو تان خطرو ٽري ويو، جوهي ۽ ميهڙ رنگ بندن تي پڻ پاڻي ۾ لاٿ اچي وئي

تفصيل موجب انڊس لنڪ ڪئنال ( آر بي او ڊي ) سم نالي کي ٽلٽي کان لڳل گهاري سبب قديمي شهر ٽلٽي ۾ به ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري ٽلٽي واسي گهرن ۾ محدود ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٽلٽي شهر سميت سيوهڻ جون 9 يوسيز ٻڏي ويون آهن ٻئي طرف ڀان سيدآباد شهر جي 70 سيڪڙو آبادي گهر خالي ڪري حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ڏانهن منتقل ٿي وئي آهي

Pakistan steps up aid efforts after ravaging floods | Climate News | Al Jazeera

علائقو سنسان ٿي ويو آهي، جنهن بعد شهر کي بچائڻ لاءِ منڇر جي پاڻي کي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاء ڳوٺ ڪرمپور وٽ ايل ايس بند کي آر ڊي 99 وٽ 3 ڪٽ لڳايا ويا آهن جيڪي ڪٽ ايم اين اي سڪندر راھپوٽو, ڊي سي ڄامشورو, ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ, آبپاشي انجنيئر جي نگراني ۾ ڏنا ويا آهن جتي سيڪيورٽي اھلڪار وڏي انگ ۾ موجود آهن. آبپاشي  کاتي پاران سنڌو درياه جي ايل ايس (لاڙڪاڻو ـ سيوھڻ) بچاءُ بند کي ھيوي مشينن ذريعي 3 ڪٽ لڳايا ويا ايل ايس بند کي ڪٽ ڏيڻ کان اڳ ڪرمپور ٽلٽي روڊ تان سيوھڻ دادو ۽ لاڙڪاڻو ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي پڻ بند ڪيو ويو

ٻڌايو وڃي ٿو ته ايل ايس بند کي ڪٽ لڳائڻ ۽ منڇر جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ خارج ٿيڻ سان ڳوٺ ڪرمپور سميت سيوھڻ تعلقي جي متاثر ٿيل 7 يوسين تان ٻوڏ جي پاڻي جو وڌيل دٻاء گھٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. ان بابت انجنيئر آبپاشي سيوھڻ مھيش ڪمار ٻڌايو ته ابتدائي طور تي ايل ايس بند کي ڪرمپور وٽان 3 ڪٽ لڳائي رھيا آهيون جيڪڏهن انهن ڪٽن مان منڇر جي پاڻي تيزي سان درياهه ۾ ڇوڙ ٿيو ته ان سان ڪرمپور سميت ٻين ڳوٺن تان پڻ پاڻي جو دٻاء گھٽ ٿيندو

  هوڏانهن ميهڙ ، ڪي اين شاھ ۽ خانپور ڀرسان ڪاري موري وٽ ايم اين وي ڊرين ۾ ڏيڍ کان ٻه فوٽ پاڻي جي لاٿ آئي آهي جنهن کانپوء ضلع هيڊ ڪواٽر دادو شهر تان ٻوڏ جو خطرو ٽري ويو آهي ، بي ايڇ پي ڪمپني ، کير واري موري ۽ ڪمال موري تائين ايم اين وي ڊرين ۾ 2 کان 3 فوٽ تائين لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوء ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر دادو تان ٻوڏ جو خطرو ٽري ويو آهي ، هوڏانهن ٻوڏ واري پاڻي ۾ معمولي لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آھي، رنگ بند جي مختلف پوائنٽن سميت جوهي شھر جي آس پاس ڳوٺن ۾ به سراسري ڏيڍ کان ٻه انچ جي لاٿ آئي آھي

Death toll tops 900 as Pakistan reels from 'abnormal' rain, glacial lake outburst floods

جڏهن ته  ايم اين وي ڊرين کي ڳوٺ ٻٽڙا پنهور سامهون ستين شاخ موري وٽ دادو طرف وڏي روڻ پئجي وئي انتظاميا هيوي مشينري گهرائي ورتي سوين  مقامي ڳوٺاڻا پهچي ويا مٽي جي پاچڪن ۽ مشينري سان پنجن ڪلاڪن بعد روڻ کي بند ڪري ورتو، مقامي ماڻھن موجب روڻ واري جاءِ تي اڳ موري بند ڪئي وئي ھئي جيڪا صبح سوير کُلي وئي جنهن سبب پاڻي تيزي سان دادو طرف آبادي واري پاسي وڃي رهيو هو جنهن کي بند ڪيو ويو آھي

ٻئي طرف ميھڙ ۾ رنگ بند تي دٻاءُ گھٽجي ويو پاڻي ۾ لاٿ شروع ٿي وئي آھي ميھڙ رنگ بند تي گذريل 12 ڪلاڪن ۾ 4 کان پنج انچ پاڻي لھي ويو آھي پاڻي ۾ دٻاءُ گھٽجڻ ۽ لاٿ سبب رنگ بند تي ڪم ڪندڙ مشينن ۽ رضاڪار نوجوانن ۾ ماٺار اچي وئي آھي جيتوڻيڪ رنگ بند تي پاڻي 7 فوٽ تائين بيٺل آھي ھوڏانھن منڇر کي ڪٽ ۽ گھارو لڳڻ بعد ميھڙ ۾ زندگي ٻيھر بحالي طرف وڃي رھي آھي ، ميھڙ ۾ ڪجهه واپارين پنھنجا ڪاروبار به کولڻ شروع ڪيا آھن

ھي به پڙھندا

منڇر ڍنڍ جي پاڻي سيوهڻ جون وڌيڪ 10 يوسيز ٻوڙي ڇڏيون

ميهڙ ۾ ٻوڏ جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي، سوين ڳوٺ ٻڏل