يون سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻوڏ جي تباهي جي جائزي لاءِ پاڪستان پهچي ويو

0
316

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سنڌ سوڌو ٻين صوبن ۾ ٻوڏ سبب آيل تباهي جي جائزي لاءِ پاڪستان پهچي ويو، پرڏيهي کاتي جي مملڪتي وزير حنا رباني کر ايئرپورٽ تي انتونيو گوتريس جي آجيان ڪئي

انتونيو گوتريس وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻوڏ متاثرن سان ملاقاتون ڪندو، جنهن دوران کيس ٻوڏ جي تباهڪارين بابت بريفنگ ڏني ويندي

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هينئر ماحولياتي تبديلين جي تباهيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي

ھي به پڙھندا

جوهي ڀرسان ڪمال خان ۾ 5 ڳوٺاڻا ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويا، چئن ڄڻن کي بچايو ويو

اڃا به منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ڏينداسين: مراد علي شاهه

منڇر ڍنڍ جي پاڻي سيوهڻ جون وڌيڪ 10 يوسيز ٻوڙي ڇڏيون