هُن “لگان“ ۾ پاڻ تي يقين ڪرڻ ۽ سامراج کي للڪارڻ سيکاريو.
”دل چاهتا هي“ ۾ دوستيءَ ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪيائين.
”رنگ دي بسنتيءَ“ ۾ جديد دور جي چندر شيکر آزاد جي روپ ۾ نروار تي ديس مٿان گهور ٿي ويو.جنهن پنهنجي فلم”تاري زمين پر“ ۾ اسپيشل ٻارن تي اسپيشل ڌيان ڏيڻ جو پيغام ڏنو.وري ”ٿري ايڊيٽس” ۾ مشين بدران پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪيريئر جي چونڊ ۽ زندگي گهارڻ جو درس ڏنائين جڏهن ته فلم ” پي ڪي “ ذريعي مذهبي نفرتن جا رانگ نمبر ڦهلائيندڙن خلاف آواز اُٿاريو ۽ کين وائکو ڪيو…ٽِن ڏهاڪن کان ڪيئي يادگار ڪردار ادار ڪري پنهنجي لاجواب اداڪاري سان ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ بالي ووڊ جي ” مسٽر پرفيڪشنسٽ“ عامر خان کي سالگرهه جون لک لک واڌايون… (سرمد ادل سولنگي جي فيس بوڪ وال تان ورتل)