آئنسٽائن جي سالگرهه: هو عظيم ترين سائسندان ڇو آهي … الفت حسين پتافي

0
145

 آئنسٽائين جي سالگرهه آهي، ان حوالي سان کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.

آئنسٽائين دنيا جو عظيم ترين سائنسدان ڇو آهي:

آئنسٽائين 1915 ۾ جنرل ٿيوري آف رليٽيوٽي ڏني جنهن ايسٽروفزڪس ۽ ڪاسمولوجي جي فيلڊس ۾ هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.ان ٿيوري تي ٽيڪا ٽپڻي کان پهرين اهو سمجهجي ته هن ٿيوري جي ضرورت ڇو پيش آئي. ان لاءِ پهرين نيوٽن جو شاهڪار ڪلاسيڪل ميڪينڪس تي ٻه لائينون:

ڪلاسيڪل مڪينڪس جي سولي ڊيفينيشن اها ته فزڪس جي اها برانچ جيڪا هر شي جي حرڪت جي باري ۾ ٻڌائي، ڀلي اهو بال هجي، پٿر هجي، چنڊ، زمين يا ڪو ايسٽرائڊ هجي. هن ٿيوري جي مدد سان اوهان مستقبل ۾ به ٿيندڙ ڪنهن شي جي حرڪت جي اڳڪٿي به ڪري سگهو ٿا. مثال طور پنجن سالن کان پوءِ چنڊ ڪٿي هوندو، يا بال کي 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڇلايو وڃي ته هو ڪيتري دير کان پوءِ ۽ ڪٿي بيهجي ويندو، ڀلي بال کي فرش تي ڪڪ هڻو يا هوا ۾ اڇلايو يا برج خليفه جي بلڊنگ تان اڇلايو، نيوٽن مڪينڪس جي قانونن جي مدد سان ڪلاسيڪل فزڪس جي فيلڊ ۾ طوفان آڻي ڇڏيو.

نيوٽن ڪلاسيڪل ميڪينڪس کي ميٿيمٽڪس جي زبان ۾ بيان ڪرڻ کان اڳ  ميٿ جي هڪ الڳ فيلڊ ايجاد ڪئي جنهن کي ڪيلڪيولس Calculus ۽ ڊفرينشل ايڪوئيشنس Differential equations چئبو آهي، نيوٽن کي نئين ميٿ ڇو ٺاهڻي پئي، ان جوسبب اهو آهي ته ان وقت موجود آلجبرا ۽ Euclidean geometry يوڪليڊين جاميٽري مختلف جسمن جي حرڪت کي بيان نه پئي ڪري سگهي. ڇو نه پئي بيان ڪري سگهيو، ان کي ائين سمجهو ته اسان ڪمپيوٽر جي ڪنهن پروگرام کي ++C  جي بدران سنڌي يا انگريزي ۾ لکون، يا انگريزي زبان کي سنڌي ۾ سکڻ جي ڪوشش ڪيون. نيوٽن جي ڏنل بهترين ٿيوري هر شي جي حرڪت کي بهترين نموني بيان پئي ڪري. پر مسئلو تڏهن  شروع ٿيو جڏهن روشني جي رفتار جي باري ۾ سائنسدانن کي خبر پئي ۽ اهو ته: جيڪڏهن ڪا شي %99 روشني جي رفتار سان سفر ڪري ته اتي مڪينڪس جا قانون ڪم ڪرڻ ڇڏي پيا ڏين.

آئنسٽائين ۽ Lorentz نالي هڪ سائنسدان اهو مسئلو اسپيشل ٿيوري آف رليٽيوٽي ۽  Lorentz transformation جهڙا شاهڪار ڏئي ڪري گهڻي ڀاڱي حل ڪري ورتو. آئنسٽائين جهڙي جينيس اتي بس نه ڪئي ۽ محسوس ڪيو ته رليٽيوٽي ٿيوري کي اڃا بهترين نموني، جامع انداز ۾ لکي سگهجي ٿو. آئنسٽائين روشني جي رفتار وارو فيڪٽر ته اسپيشل ٿيوري آف رليٽيوٽي ۾ فٽ ڪري ڪافي حد تائين فزڪس جي قائدن کي يونيورسل universal بڻايو پر گريوٽي جي فيڪٽر کي نيوٽن صحيح نموني سمجهي ۽ بيان نه ڪري سگهيو هيو ان کي آئنسٽائين cover ڪيو هيو. سولي سنڌيءَ ۾ گريوٽي جي فيڪٽر کي حرڪت جي قائدن ۽ فٽ ڪرڻ کي جنرل ٿيوري آف رليٽيوٽي چئبو آهي جنهن ۾ ستارن، بليڪ هولز،گيليڪسيز جي حرڪت کي به بهترين نموني بيان ڪري سگهجي ٿو.

1905 ۾ جڏهن آئنسٽائين جنرل ٿيوري تي ڪم شروع ڪيو ته محسوس ڪيائين ته ان وقت جي ميٿيمٽڪس ذريعي هي ٿيوري بيان نه ٿي ڪري سگهجي، ان لاءِ آئنسٽائين کي هڪ نئين ميٿيمٽڪس جي کوج ڪرڻي پئي. جنرل ٿيوري آف رليٽيوٽي کي اسان calculus, differential equation and Euclidean geometry ذريعي نه ٿا سمجهي سگهون، ان لاءِ اسان کي tensor calculus, differential geometry, group theory and topologies جهڙي ايڊوانسڊ ميٿيمٽڪس کپندي. آئنسٽائين جهڙي جينئس کي به ڏھ سال لڳا پنهنجي ٿيوري کي ميٿيميٽيڪل شاهڪار mathematical wonder بڻائڻ ۾. آخرڪار 1915 ۾ آئنسٽائين هن وقت تائين جي بهترين سائنسي ٿيوري ڏني.

 هي ٿيوري ڇا ۾ بھترين آهي: 1915 ۾ آئنسٽائين سميت ڪنهن کي به خبر نه هئي ته ڪو اسان جي گيليڪسي کانسواءِ ٻيون گيليڪسيون آهن، يا بليڪ هول آهن، يا ٽائيم جي ڇا حقيقت آهي، يا ڳرا فلڪياتي جسم جئين بليڪ هول، نيوٽران اسٽارز يا عام ستارا گريوٽي ذريعي ٽائيم ۽ روشني جي وهڪ ۽ نيچر کي ڪئين تبديل ڪندا آهن.

آئنسٽائين جي  ٿيوري ميٿيميٽيڪلي بلڪل پرفيڪٽ هئي پر ڪجهه فيڪٽرز جو ان وقت دريافت نه هجڻ ڪري آئنسٽائين انهن شين جي اڳڪٿي ڪري ويو ته منهنجي ٿيوري چئي ٿي ته بليڪ هول آهن، وائيٽ هولز آهن، ٻن نيوٽران اسٽارز يا بليڪ هولز جي ٽڪرائڻ سان gravitational waves  ٺهنديون آهن،ٽائيم  جي مختلف وهڪ گريوٽي ۽ روشني جي رفتار ذريعي ممڪن آهي، وارم هول يا ڪائنات ۾ سفر ڪرڻ جو شارٽ ڪٽ ممڪن آهي وغيره وغيره، آئنسٽائين چيلينج ڏئي ويو ته مستقبل جا سائنسدانو وڃي ننهن چوٽي جو زور لڳايو جي منهنجي ٿيوري ۾ بيان ٿيل شيون صحيح نه نڪرن ته آئنسٽائين مڙس ئي نه آهي.  آئنسٽائين جي زماني ۾ طاقتور دوربينون نه هيون، بهترين انسٽرومينٽ نه هيا، ڪمپيوٽر نه هيا، نيٽ نه هئي، ان باوجود به آئنسٽائين جون ڪيل اڳڪٿيون ۽ بليڪ هول جي وجود هجڻ جي دعوا سميت کوڙ شيون سئو سالن کان پوءِ به ثابت پيون ٿين. ان ڪري چئي سگهون ٿا هن وقت اسان وٽ اهڙي ٽيڪنالاجي اڃا نه آهي جو آئنسٽائين جي باقي شين جي کوج ڪري سگهون يا ڊزائن ڪري سگهون جئين ٽائيم مشين، وارم هول، وائيٽ هول جي هجڻ جي حقيقت. سلام آهي توکي سر آئنسٽائين. آخري ڳالھه ته آئنسٽائين پنهنجي مائي جو ايترو ته ستايل هو جو پنهنجي نوبل پرائز جا مليل پئسا مائي کي حق مهر جي بقايا  طور ڏئي ڪري سوئزرلينڊ مان پٽا ڏئي ڀڳو، پهرين جرمني پهتو ۽ آخرڪار آمريڪا ۾ اچي ساه پٽيائين. (فيس بوڪ تان ورتل)