عامر خان جي سالگرهه تي ڀيٽا

0
177
عامر خان جي سالگرهه تي ڀيٽا

هُن “لگان“ ۾ پاڻ تي يقين ڪرڻ ۽ سامراج کي للڪارڻ سيکاريو.

”دل چاهتا هي“ ۾ دوستيءَ ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪيائين.

”رنگ دي بسنتيءَ“ ۾ جديد دور جي چندر شيکر آزاد جي روپ ۾ نروار تي ديس مٿان گهور ٿي ويو.جنهن پنهنجي فلم”تاري زمين پر“ ۾ اسپيشل ٻارن تي اسپيشل ڌيان ڏيڻ جو پيغام ڏنو.وري ”ٿري ايڊيٽس” ۾ مشين بدران پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪيريئر جي چونڊ ۽ زندگي گهارڻ جو درس ڏنائين جڏهن ته فلم  ” پي ڪي “  ذريعي مذهبي نفرتن جا رانگ نمبر ڦهلائيندڙن خلاف آواز اُٿاريو ۽ کين وائکو ڪيو…ٽِن ڏهاڪن کان ڪيئي يادگار ڪردار ادار ڪري پنهنجي لاجواب اداڪاري سان ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ  بالي ووڊ جي ” مسٽر پرفيڪشنسٽ“ عامر خان کي سالگرهه جون لک لک واڌايون… (سرمد ادل سولنگي جي فيس بوڪ وال تان ورتل)