ڪارل مارڪس جي ورسي تي ڀيٽا

0
123
ڪارل مارڪس جي ورسي تي ڀيٽا

مارڪس جنھن دنيا ڌوڏي، جنھن تاريخ کي الٽي اک سان ڏٺو،  جنھن چيو سماج جي سڄي سونھن پورھيت جي محنت جي ڪري آھي، ھن چيو گھڻن ماڻھن جي محنت جو ڦل ٿورا ماڻھون کايو وڃن، ھن ڪائنات ۽ سماج کي سمجھڻ جو جدلي نظريو ڏنو، ھن تاريخ جي ارتقا کي سائنسي تاريخي ماديت جي اک سان بيان ڪيو، ھي تاريخ جو پھريو ماڻھون ھو جنھن سماج کي طبقاطي بيھڪ ۾ بيان ڪيو، ھن طبقاطي ۽ قومي آزادي جا گس ڏنا، ھن پھريون دفعو بادشاھن، سردارن، نوابن، خانن ۽ اشرافيا کي حرامخور ۽ ڦريندڙ چيو، ۽ پورھيتن کي دڳ ڏنو ته ھي دنيا توھان جي آھي، تاريخ ۾ پھريون دفعو ھن محنت جي گڏيل ملڪيت کي برابري جي بنياد تي ورھائڻ ۽ ھڪ انسان دوست بغير ڦرلٽ وارو سماج اڏڻ جو سائنسي نظريو ڏنو،  5 مئي 1818 تي جرمني ۾ پيدا ٿيندڙ ھن عظيم انسان 14 مارچ 1883 ۾ برطانيا جي شھر لنڊن ۾ وفات ڪئي، انسانيت جي ھن سونھين تي فخر محسوس ڪندي سندس ورسي تي ڪروڙين سرخ سلام ھجن. (اياز چانڊيو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)