شڪارپور (ن پ ا) شڪارپور ۾ انڊس ھاءِ وي تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار عورت فوت، 2ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار عورت امام زادي شيخ ٿڏي تي فوت، سندس2پٽ ذوالفقار ۽ الھڏنو شيخ زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آھي تھ حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آھي.