ٽنڊوجان محمد (ن پ ا) ٽنڊو جان محمد واسي نينگري آسيا زيادتي ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي، پوليس ٻن جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي، هڪ جوابدار تي ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل، جيل حوالي، سول سوسائٽي جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو. خبر موجب پوليس نينگري آسيا زيادتي ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. نينگري جي وارثن موجب جاچ آفيسر اي ايس آءِ غلام حسين لغاري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران کين ٿاڻي تي گهرائي پنهنجي حق ۾ لکيل بيان ڏياريو جيڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڊگھڙي شھر جي سول سوسائٽي طرفان ٽنڊوجان محمد پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نينگري سان زيادتي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ٽنڊوجان محمد پوليس گذريل رات دير سان ايس ايس پي جي حڪم تي زيادتي ڪيس جي جوابدار منور خلاف وڌيڪ هڪ ٻئي ايف آءِ آر  داخل ڪئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار فريادي ڌر کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏنيون آهن، ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس جوابدار کي گهرائي لاڪپ ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف ڊي ايس پي جهڏو ۽ ايس ايڇ او ٽنڊو جان محمد ڪجھه من پسند صحافين کي گھرائي بريفنگ ڏني ته پوليس آسيه ڪيس ۾ ٻيو جوابدار گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ پوليس پنهنجو ڪم ڪري رهي آھي، جلد ٽئين جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويندو.