حڪومت هيليڪاپٽر حادثي بعد سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن جي گرفتاري جو فيصلو ڪري ورتو آهي
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڪ فوج خلاف سوشل ميڊيا تي مهم واري معاملي جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي
ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ٿيو آهي ته مهم ۾ ملوث سمورن ڪردارن کي گرفتار ڪيو ويندو، سندن پٺڀرائي ڪندڙن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو
ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته مهم جي ڪردارن خلاف جاچ جاري آهي، سوشل ميڊيا تي شهيدن خلاف مهم ۾ ڪجهه ڀارتي اڪائونٽس به استعمال ٿيا آهن
وفاقي ڪابينا ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ بچاءُ بابت ڪميٽي جوڙي ورتي
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس دوران 35 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪئي وئي ، گهرو وزارت جي سفارش تي اي سي ايل مان 22 نالا ڪڍڻ جي به منظوري ڏني وئي
ھي به پڙھندا
هيليڪاپٽر حادثي بابت سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم هلائڻ تي فوج پاران سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار