فوجي هيليڪاپٽر سان پيش آيل حادثي بعد سوشل ميڊيا تي زهر اوڳاڇڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ گڏيل ڪميٽي قائم

0
243
سوشل ميڊيا تي زهر اوڳاڇڻ واري

فيصل آباد: بلوچستان ۾ فوجي هيليڪاپٽر سان پيش آيل حادثي بعد سوشل ميڊيا تي زهر اوڳاڇڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ گڏيل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي، وفاقي گهرو کاتي سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم هلائيندڙن جو پتو لڳائڻ ۽ گرفتارين لاءِ جوائنٽ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ورتي آھي

ڪميٽي جي سربراهي ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم ونگ جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل محمد جعفر ڪندو، آءِ ايس آءِ ۽ اي بي جا آفيسر به ڪميٽي ۾ شامل، آءِ ايس پي آر به حادثي بعد سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم جي مذمت ڪئي هئي

پاڪ فوج خلاف ٽرينڊ هلائيندڙ گمراهي جو شڪار آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو آهي: راڻا ثناءُ الله

ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪ فوج خلاف ٽرينڊ هلائيندڙ گمراهي جو شڪار آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، پاڪ فوج خلاف ٽرينڊ هلائڻ دوران ٿيل ڳالهيون ورجائي نٿيون سگهجن

پريس ڪانفرنس دوران وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته  معاشري جي ڪنهن به طبقي اهڙي سوچ نه آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد ڪو شڪ ناهي ته عمران خان پرڏيهي ايجنٽ آهي، ايف آءِ اي جون 2 ٽيمون پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۽ سوشل ميڊيا تي ناڪاري ٽرينڊز جي جاچ ڪري رهيون آهن، جيڪو به ڏوهاري نڪتو، اُن کي گرفتار ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي