پهرين سنڌ اسيمبلي ۽ هاڻوڪي ايوان ۾ هڪجهڙائي

0
72
پهرين سنڌ اسيمبلي ۽ هاڻوڪي ايوان ۾ هڪجهڙائي

 2024 جي اليڪشن کان پوءِ سنڌ ۾ حڪومت ٺاھڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آھي. 1970 بعد پاڪستان ۾ 12 جنرل اليڪشن ٿي چڪيون آھن، جن مان 11 اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي حصو ورتو آھي، جڏھن ته 1985 جي غير جماعتي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي حصو نه ورتو ھو. سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي انھن 11 ئي اليڪشنز ۾ اڪثريتي پارٽي طور تي سامھون آئي آھي. پيپلز پارٽي کي 1990، 1997 ۽ 2002 جي اليڪشنز ۾ اڪثريتي پارٽي ھئڻ جي باوجود سنڌ ۾ حڪومت ٺاھڻ نه ڏني وئي. ھڪ ووٽ رکندڙ ڄام صادق علي، لياقت علي جتوئي، ارباب غلام رحيم ۽ علي محمد مھر کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو. 2024 جي چونڊ نتيجن ۾ ھي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ اٺين ۽ لڳاتار قائم رھندڙ چوٿين حڪومت آھي. سيد مراد علي شاھ مسلسل ٽيون دفعو سنڌ جي وزير اعليٰ جو عھدو ماڻيندڙ آھي. شايد اھو برصغير جو واحد صوبو سنڌ آھي، جتان گذريل 54 سالن ۾ ھڪ ئي پارٽي (پاڪستان پيپلز پارٽي) ڪابه اليڪشن نه ھارائي آھي ۽ ان پارٽي کي پنھنجي ئي صوبي ۾ھي اٺون ڀيرو اقتدار مليو آھي.

ياد رھي ته سنڌ جي 1937 واري پھرين اسيمبلي جي چونڊن ۾ پڻ سنڌ اتحاد پارٽي 60 ميمبرن جي ايوان ۾ 22 سيٽون کٽي ڪامياب ٿي ھئي پر تنھن وقت جي انگريز گورنر پارٽي جي صدر سر شاھنواز ڀُٽي ۽ نائب صدر سر عبداللھ ھارون جي ھارائي وڃڻ جو بھانو بڻائي، مسلم پوليٽيڪل پارٽي، جنھن صرف 8 سيٽون کٽيون ھيون، جي سربراھ سر غلام حسين ھدايت اللھ کي سنڌ جي پھرين اسيمبلي جو وزير اعلي بڻايو. باوجود جي ايم سيد طرفان سيٽ خالي ڪري ان جي سربراھ سر شاھنواز ڀُٽي کي ضمني اليڪشن وڙھڻ جي آڇ ڪئي، پر انگريز گورنر اھو چئي سندس آڇ رد ڪري ڇڏي ته اھو جمھوري روايتن جي خلاف ٿيندو، جيڪڏھن ھڪ شڪست کاڌل ليڊر کي حڪومت ٺاھڻ جي دعوت ڏني وڃي، اھڙي صورتحال کان مايوس ٿي سر شاھنواز ڀٽو سياست کان ڪنارھ ڪشي ڪري بمبئي لڏي ويو، جتي ھن پنھنجي پٽ ذوالفقار علي ڀُٽي کي اتان جي ڪيٿڊرل اسڪول ۾ داخل ڪرايو، پاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر طور بمبئي ۾ سرڪاري نوڪري ڪرڻ لڳو. ذوالفقار علي ڀُٽي جو آمريڪن سوانح نگار اسٽينلي والپرٽ لکي ٿو ته ذوالفقار علي ڀُٽي کي سندس والد جي سنڌ جي وڏي وزير جي نه بڻجڻ جو ارمان رھيو ۽ سندس اھا خواھش ھئي ته ھو ھڪ ڏينھن سنڌ جو وزير اعليٰ بڻجي ڏيکاريندو. دلچسپ امر اھو به آھي ته 1985 جي غير جماعتي اليڪشن ۾ سنڌ اسيمبلي جي ھڪ سئو چونڊيل ميمبرن مان، تنھن وقت جي آمر ضياءُ الحق کي ڪوبه وزير اعلي بڻائڻ لاءِ بھتر اميدوار نه مليو، جو ھن سنڌ جي ان وقت جي حاضر سروس جسٽس سيد غوث علي شاھ کي گهوٽڪي مان چونڊيل علي انور خان مھر کان سيٽ خالي ڪرائي کيس بنامقابلي چونڊرائي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪرايو.

2024 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي صوبي مان رڪارڊ سيٽون کڻي حڪومت ٺاھي آھي، جڏھن ته اين اي 215 ٿرپارڪر مان قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽ تان مھيش ڪمار ملاڻي ۽ پي ايس 45 ميرپورخاص تان ھري رام ڪشوري لال (ٻن ھندو) ميمبرن پيپلز پارٽي جنرل سيٽ تان ڪامياب ڪرايا آھن، جيڪو پاڪستان جھڙي مذھبي ملڪ ۾ ھڪ سٺو سنئوڻ آھي. ان سان گڏ ھڪ عيسائي ميمبر اينٿوني نويد سلھوترا کي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر واري عهدي تي ڪامياب ڪرايو آھي. اھو پڻ ياد رھي ته سنڌ جي پھرين 1937 واري  ليجسليٽو اسيمبلي جي پھرين ڊپٽي اسپيڪر پڻ ھندو عورت ڪماري ڄيٺي تلسيداس سپاھملاڻي مقرر ڪئي وئي ھئي.

ڪانگريس پارٽي سان تعلق رکندڙ ڄيٺي سپاھملاڻي 1938 کان 1946  تائين ساندھ 8 سال سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر رھي، جيڪا ورھاڱي کان پوءِ انڊيا لڏي وئي، جتي ھوءَ 1952 کان 1962 تائين بمبئي ليجسليٽو اسيمبلي جي ميمبر ۽ مھاشٽرا ڪائونسل جي ڊپٽي چيئرپرسن پڻ رھي. اھا به دلچسپ ڳالھ آھي ته انھيءَ ساڳي پھرين سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ديوان ڀوڄسنگھ جو تعلق سکر شھر سان ھو ۽ ھاڻي چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جو تعلق پڻ سکر شھر سان آھي.

2024 جي اليڪشن ۾ سنڌ صوبي مان پاڪستان پيپلز پارتي سڀني اليڪشنز کان وڌيڪ قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جون سيٽون کٽيون آھن، باوجود انھيءَ جي ته ھن اليڪشن ۾ سموريون قومپرست، مذھبي پارٽيون ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) گڏجي پيپلز پارٽي جي اميدوارن جو مقابلو ڪيو، جن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شھرن کانسواءِ قومي اسيمبلي جي ڪابه نه، صوبائي اسيمبلي جون صرف ٻه سيٽون ملي سگھيون، جڏھن ته انھيءَ ساڳئي اتحاد جي ڊي اي کي 2018 جي اليڪشن ۾ ٻه قومي اسيمبلي ۽ 11 صوبائي اسيمبلي جون سيٽون مليون ھيون. جن مان شڪارپور جي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي تي کٽيل ميمبرن غوث بخش مھر ۽ سندس پٽ شھريار مھر، گهوٽڪي مان علي گوھر خان مھر ھن اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيا. اھڙي طرح خيرپور ميرس مان جي ڊي اي جو چونڊيل رفيق ڀانڀڻ ھن اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار شيراز راڄپر کان ھارائي ويو. ٿرپارڪر مان عبدالرزاق راھمون، لاڙڪاڻي مان معظم عباسي، نوشھري فيروز مان غازي خان جتوئي، بدين مان حسنين مرزا، سانگهڙ مان شمس الدين راڄڙ ۽ وريام فقير خاصخيلي ھارائي ويا. جي ڊي اي ۾ به فنڪشنل مسلم ليگ جا صرف ٻه ميمبر سيد راشد شاھ جيڪو موجودھ پير پاڳاري سيد صبغت اللھ شاھ جو فرزند آھي، جنھن پير جو ڳوٺ ضلعي خيرپور مان ۽ سانگهڙ مان پير پاڳاري جو خليفو غلام دستگير راڄڙ ھن اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي سگهيا. سنڌ ۾ جي ڊي اي جي ٻي اتحادي جماعت جمعيت علماء اسلام (فضل الرحمان) انتخابي نشان ڪتاب تي ڪيترن ئي قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي پنھنجا اميدوار بيھاريا، جن ۾ پارٽي جا ٻه ڀائر اڳواڻ، مولانا راشد محمود سومرو ٻن قومي اسيمبلي جي سيٽن اين اي 193 شڪارپور تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار شھريار مھر کان 74 ھزار ووٽن تان ۽ ٻي سيٽ اين اي 294 لاڙڪاڻي شھر واري سيٽ تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري کان ھڪ لک ووٽن تان ھارائي ويو. سندس وڏو ڀاءُ مولانا ناصر محمود سومرو اين اي 296 قمبر شھداد ڪوٽ تان پڻ بلاول ڀٽو زرداري کان 51 ھزار ووٽن تان شڪست کائي ويو. اھڙي طرح 2018 جي اليڪشن ۾ بدين جي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان صرف 997 ووٽن تان ڪامياب ٿيندڙ فھميدا مرزا جو پٽ محمد حسام مرزا پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار رسول بخش چانڊئي کان 36 ھزار ووٽن تان ھارائي ويو. اھڙي طرح جي ڊي اي جا ٻيا اھم اڳواڻ قومي اسيمبلي تي جن ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي لاڙڪاڻي مان 65 ھزار ووٽن تان، سيد صدرالدين شاھ خيرپور مان30 ھزار ووٽن تان، غلام مرتضيٰ جتوئي نوشھري فيروز مان 58 ھزار ووٽن، ڊاڪٽر ارباب رحيم ٿرپارڪر مان 19 ھزار ووٽن ۽ قوم پرست اڳواڻ سيد زين شاھ نوابشاھ مان 67 ھزار ووٽن جي وڏي فرق سان ھارائي ويا.

سنڌ ۾ جي ڊي اي ۽ سندس اتحادي پارٽين کي 2024 جي بدترين شڪست جي قطعي توقع نه ھئي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي منظم اليڪشني مھم ۽ سنڌ جي عوام جي روايتي پ پ حمايتي ووٽرن پنھنجي مخالفن اميدوارن تمام وڏي شڪست سان ڏياري. ايڏي وڏي شڪست ملڻ تي جي ڊي اي ۽ خاص طور تي فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي شھرن ڄامشورو باءِ پاس ۽ موري ۾ تمام وڏا جلسا منقعد ڪيا. انھن ٻنھي جلسن ۾ ھزارن جي تعداد ۾ پير پاڳاري جي مريدن پيرين اگھاڙي، مٿا ڍڪي شرڪت ڪئي. جلسن ۾ مولود، نعتون ۽ ڀيڄ پاڳارا جي نعرن وارو سمان وڌيڪ نظر آيو. جيتوڻيڪ انھن جلسن ۾ عوام جو وڏو تعداد موجود ھو پر اھي جلسا سياسي گهٽ، روحاني ۽ مذھبي وڌيڪ نظر آيا. اھڙي طرح جمعي ڏينھن ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي قسم کڻڻ واري موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو جي ڊي اي طرفان گھيراءُ ڪرڻ وارو سڏ پڻ ناڪام ٿي ويو.

[email protected]