ڇا پ پ سينيٽ چيئرمين واري عهدي جي قرباني ڏيندي؟

0
59
ڇا پ پ سينيٽ چيئرمين واري عهدي جي قرباني ڏيندي؟

 اٺين فيبروري وارين چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ حڪومت سازي جو عمل شروع آهي. صوبن ۾، خاص طور تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏن وزيرن جي چونڊ ٿي چڪي آهي. بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن کان قسم کڻائڻ جي حوالي سان پڻ اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته، هِي سِٽون لکجڻ تائين، خيبر پختونخوا اسيمبلي جي ميمبرن جي حوالي سان اڃان تائين ڪا تاريخ سامهون نه آئي آهي. خيبر پختونخوا جو گورنر پنجن ڏينهن جي موڪل تي معاملي کي وچ ۾ ٽنگي روانو ٿي ويو آهي ۽ ان وچ واري عرصي ۾ مولانا فضل الرحمان جوڙ ٽوڙ جي ڪوششن ۾ جنبي ويو آهي ۽ هو چاهي ٿو ته هو اسٽيبلشمينٽ کان پنهنجي لاءِ وڌيڪ رعايتون حاصل ڪري ۽ انهن ڪوششن لاءِ هو اسٽيبلشمينٽ کي ڏورا ڏيکارڻ لڳو آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو وزيرِ اعليٰ چونڊجي چڪو آهي ۽ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ٻي ڪنهن تنظيم جي شموليت کانسواءِ ئي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي. پيپلز پارٽي تي اسٽيبلشمينٽ جي ان نوازش کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ به پ پ کان هڪ قرباني جي فرمائش ڪري ورتي آهي ۽ اها قرباني آهي سينيٽ چيئرمين جي آئيني عهدي جي، جنهن جي لاءِ پيپلز پارٽي وٽ يوسف رضا گيلاني اهم اميدوار هو. خبرون اهي آهن ته پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي اها فرمائش قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي ۽ ان جي بدلي ۾ هن پنهنجي جوابي فرمائشي لسٽ (وِش لسٽ) به اسٽيبلشمينٽ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي اڃان اڳڀرائي ٿيڻي آهي. ڪي تجزيا نگار ان خيال جا آهن ته سينيٽ چيئرمين واري آئيني عهدي جي قربانيءَ جي بدلي ۾ آصف علي زرداري اسٽيبلشمينٽ کان سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت جي حوالي سان کلي کيڏڻ جي لاءِ پٺڀرائي حاصل ڪرڻ چاهيندو ۽ ٻيو اهو ته آصف زرداري جي خواهش اها آهي ته بلاول ڀٽو زرداري طرفان قومي اسيمبلي جي خالي ڪيل سيٽ تي آصفه زرداري کي چونڊرائجي ۽ اها آصفه جي قومي اسيمبليءَ ۾ پهرين انٽري هوندي. آصف زرداري اها پڻ اسٽيبلشمينٽ کان خاطري وٺڻ چاهي ٿو.

تجزيه نگارن جو خيال آهي ته، اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته سينيٽ چيئرمين جي آئيني عهدي تي سندن ئي ڪا پسنديده شخصيت اچي ۽ ان حوالي سان ٻه نالا ورتا پيا وڃن، جن ۾ هڪ محسن نقوي جو نالو آهي، جيڪو پنجاب جو نگران وڏو وزير آهي ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ کان اسٽيبلشمينٽ گهڻي مطمئن آهي. اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ موجب هلڻ جي ڪري کيس پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين واري عهدي سان پڻ نوازيو ويو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ ان کي سينيٽ چيئرمين جي عهدي تي ڏسڻ چاهي ٿي. محسن نقوي پيپلز پارٽيءَ جي پڻ تمام ويجهو رهيو آهي ۽ ٻيو اسٽيبلشمينٽ جو وڌيڪ پسنديده شخص انوار الحق ڪاڪڙ آهي، جيڪو نگران وزيراعظم به آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته سينيٽ چيئرمين جي منصب تي ان جي مقرري ڪئي وڃي. محسن نقوي جي ڀيٽ ۾ انوار الحق ڪاڪڙ اسٽيبلشمينٽ جي ترجيح آهي. ان حوالي سان پيپلز پارٽي سان، خبرن موجب، معاملا طئي ٿي چڪا آهن ۽ پيپلز پارٽي ان اهم عهدي جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. سينيٽ چيئرمين جي آئيني عهدي تي انوار الحق ڪاڪڙ جي چونڊ جو مطلب اهو آهي ته اهو آصف علي زرداريءَ جي صدر مملڪت چونڊجڻ کانپوءِ ان جو جانشين ٿيندو. اهي پڻ خبرون آهن ته پيپلز پارٽي طرفان انوار الحق ڪاڪڙ کي بلوچستان مان سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏني ويندي ۽ سينيٽ ميمبر چونڊرائڻ کانپوءِ ان کي سينيٽ چيئرمين جي عهدي لاءِ چونڊرايو ويندو ۽ اهو پيپلز پارٽي، باپ وغيره جو متفقه اميدوار هوندو. صدر جي عهدي کانپوءِ سينيٽ چيئرمين جي آئيني عهدي جي گهڻي اهميت آهي، ڇو ته صدر جي بيمار ٿيڻ، صدارتي منصب تي فرض پورا نه ڪري سگهڻ يا ملڪ کان ٻاهر هجڻ جي صورت ۾ سينيٽ چيئرمين قائم مقام صدر جا فرض سرانجام ڏيندو آهي ۽ سمجهيو اهو پيو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ جيڪي ڏکيا فيصلا ڪرائڻ چاهيندي، انهن جي لاءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ صدر کي ٻاهر موڪلي يا ڪو ٻيو عذر پيدا ڪري ڪاڪڙ واري قائم مقام صدر واري عهدي جو فائدو وٺي اهي فيصلا آساني سان ڪرائي سگهي ٿي ۽ اهڙي نموني سان صدر مملڪت (آصف زرداري) به انهن فيصلن جي بار کان پاڻ کي آجو رکي سگهندو، جمهوري قوتن جي تنقيد کان به پاڻ کي بچائي ويندو ۽ اسٽيبلشمينٽ جو به ڪم سهل ٿي پوندو.

هن وقت سينيٽ جي چونڊ اڃان ٿيڻي آهي. سينيٽ نا مڪمل آهي، ڇو ته خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جون اسيمبليون اڃان وجود ۾ نه آيون آهن. اهي وجود ۾ تڏهن اينديون، جڏهن انهن جا ميمبر قسم کڻندا ۽ وڏن وزيرن جي چونڊ ٿيندي. بلوچستان ۾ وڏ وزارت پ پ کي ڏني وئي آهي ۽ پيپلز پارٽي ان عهدي تي سرفراز بگٽي کي ڏسڻ چاهي ٿي. سرفراز بگٽي انتهائي تڪراري شخص رهيو آهي ۽ خاص طور تي بلوچ قومپرستن جي حوالي سان ان جي رويي تي شديد تنقيد ٿيندي رهي آهي. پيپلز پارٽي جيڪڏهن سرفراز بگٽيءَ کي اهم عهدي تي آڻي ٿي ته ان کي بلوچ قومپرست قيادت جو سهڪار ملي نه سگهندو ۽ ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اهو سمجهيو پئي ويو ته بلوچستان ۾ پيپلز پارٽِي جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ بلوچستان ۾ سرچاءَ جي عمل جي شروعات ٿيندي، سرفراز بگٽي جي وڏي وزير ٿيڻ کانپوءِ ان جو ڪو امڪان نه رهندو. سرفراز بگٽي بلوچ قومپرستن خلاف انتهائي اعتراض جوڳي ٻولي استعمال ڪندو رهي ٿو. ٻيو ته بلوچستان جون حالتون ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خطرناڪ ٿينديون پيون وڃن. بلوچستان ۾ چئن پارٽين جي اتحاد طرفان احتجاج هلندڙ آهي ۽ هاڻي گوادر تحريڪ جي شامل ٿيڻ کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ سگهه اچي وئي آهي. پيپلز پارٽي طرفان بلوچستان جي حڪومت وٺڻ انتهائي غلطي هوندي. لڳي ايئن ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽي کي سامهون آڻي بلوچستان تي حڪومت سرفراز بگٽي جي پنهنجي ماڻهوءَ جي ذريعي ڪرڻ ٿي چاهي ۽ ڪاوڙ جو سڄو رخ ان سان پيپلز پارٽي طرف هوندو.

سينيٽ جي چونڊ 9 مارچ کان اڳ ۾ ٿيڻي آهي ته جيئن اليڪٽورل ڪاليج مڪمل ٿئي ۽ 9 مارچ تي صدر مملڪت جي چونڊ ٿي سگهي. پر موجوده صدر عارف علوي ان چونڊ ۾ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ هو چاهي ٿو ته اها چونڊ 9 مارچ تي نه ٿي سگهي. عارف علوي گذريل آچر ڏهاڙي موڪل جي باوجود ايوان صدر ۾ اسٽاف گهرائي نگران وزيراعظم طرفان قومي اسيمبلي جو اجلاس 28 فيبروري تي گهرائڻ واري سمري تي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي آهي. جنهن کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف آئين جي آرٽيڪل 91، شق 2 تحت 29 فيبروريءَ تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائي ورتو آهي. جيئن ته قومي اسيمبلي مڪمل نه ٿيندي ته سينيٽ جي چونڊن نه ٿي سگهندي ۽ سينيٽ جي چونڊ نه ٿيندي ته صدر واري عهدي جي لاءِ اليڪٽورل ڪاليج مڪمل نه هئڻ جي ڪري صدر مملڪت جي چونڊ نه ٿي سگهندي. صدر عارف علوي کي اعتراض اهو آهي ته جيئن ته قومي اسيمبلي مڪمل ناهي، سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون الاٽ نه ڪيون ويون آهن، ان ڪري انهن سيٽن جي الاٽمينٽ کانپوءِ ئي قومي اسيمبلي مڪمل ٿيندي ۽ ان بعد ئي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائبو. اصل ڳالهه اها آهي ته صدر عارف علوي حڪومت سازي جي آئيني عمل ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون الاٽ به ٿي وڃن ته به ان سان نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي مرڪز ۾ اڪثريت تي ڪوبه فرق نه پوندو، ڇو ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ انهن ٻنهي پارٽين کي 169 سيٽن جي ضرورت پوندي. جڏهن ته هن وقت انهن وٽ 176 سيٽون آهن، جيڪا سادي اڪثريت آهي، جنهن سان وزيراعظم جي چونڊ ۾ ڪابه رڪاوٽ نه پوندي. ان کانسواءِ ايم ڪيو ايم وٽ 22 سيٽون آهن، جنهن سان پڻ نواز ليگ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ق ليگ جون پنج سيٽون آهن. اهڙي ريت انهن سيٽن جو تعداد 200 کان به وڌي وڃي ٿو. جيئن ته گورننس آئيني عمل آهي ۽ صدر عارف علوي ان آئيني عمل ۾ رڪاوٽ وجهي سڄي مرحلي کي روڪڻ ٿو چاهي.

هي ٽيون ڀيرو آهي جو صدر آئيني عمل ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. صدر علوي سمجهي ٿو ته، جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس نٿو گهرايو وڃي ته اها مڪمل نه ٿي سگهندي، ميمبر قسم کڻي نه سگهندا ۽ وزيراعظم جي چونڊ نه ٿي سگهندي. قومي اسيمبلي مڪمل نه ٿيندي ته مٿيون ايوان سينيٽ به مڪمل نه ٿي سگهندو، ان جي به چونڊ نه ٿي سگهندي. سينيٽ جي چونڊ نه ٿي سگهندي ته جيئن ته صدر جي چونڊ جو اهو ئي اليڪٽورل ڪاليج آهي، ان ڪري صدر مملڪت جي عهدي لاءِ به چونڊ نه ٿي سگهندي. انهن رڪاوٽن وجهڻ جي پٺيان ارادا اهي ٿا نظر اچن ته سني اتحاد ڪائونسل معاملو کڻي سپريم ڪورٽ ۾ ويندي ۽ اهڙي نموني سان ان سڄي عمل کي اينگهايو ويندو. صدر عارف علوي شايد اهو ٿو چاهي ته اهي رڪاوٽون وجهڻ سان نگران حڪومت کي اڻ ڄاتل مدي تائين حڪمرانيءَ جي ذميواري ملي ويندي. جيئن ته صدر عارف علوي کان سندس پارٽي جو قائد، باني پي ٽي آءِ سخت ناراض آهي ۽ اهو احساس عارف علوي کي پڻ آهي ۽ هو آخر ۾ ويندي ويندي پنهنجي پارٽيءَ جي بانيءَ جي جهوليءَ ۾ ڪجهه خوشيون وجهڻ چاهي ٿو ۽ اهو به ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪري. ظاهر آهي ته اهڙي صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ مداخلت ڪندي ۽ پوءِ ان جا ڪهڙا نتيجا سامهون ايندا، اهو يقينن جمهوري عمل جي حق ۾ ڪنهن به ريت چڱو نه هوندو.