حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سائيٽ ايريا ۽ انڊس پهاڙي ۾ قائم فئڪٽرين ۽ ڪارخانن تي مزدوري ڪندڙ پورهيتن اجرت نه وڌائڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن سوين پورهيتن شمس الرحمان، يوسف علي ۽ لکمير بروهي  جي اڳواڻي ۾ سائيٽ ايريا کان انڊس پهاڙي تائين پيادل مارچ ڪيو جنهن دوران پورهيتن ملز مالڪن ۽ ڪارخانيدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مزدورن ٻڌايو ته مهانگائي باوجود ملن، فئڪٽرين توڙي ڪارخانن جا مالڪ سندن اجرت وڌائڻ لاءِ تيار ناهن جنهن ڪري هو پنهنجي ٻارن کي پيٽ ڀري ماني به نٿا کارائي سگهن. هنن چيو ته کين 75 رپيا ڪلاڪ جي حساب سان اجرت ملي ٿي ۽ مالڪ کانئن جبري طور 8 ڪلاڪ بدران 10 ڪلاڪ پورهيو ڪرائين ٿا پر کين اوور ٽائيم به نٿو ڏنو وڃي. مزدورن موجب ته روزانو ملندڙ 700 رپيا ڏهاڙي گهٽ آهي ان ڪري سندن اجرت گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار رپيا ڪئي وڃي. احتجاج دوران پورهيتن اهو به ٻڌايو ته پنجاب ۾ پورهيتن کي ملن، فيڪٽرين توڙي ڪارخانن جا مالڪ 90 کان 100 رپيا في ڪلاڪ جي حساب سان اجرت ڏين ٿا پر سنڌ ۾ مالڪن پاران مزدورن سان ٿيندڙ ناانصافين واري معاملي تي ليبر کاتو توڙي لاڳاپيل ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن سندن اجرت وڌي سگهي.