لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻو پوليس روزينا گوپانگ جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ به پڌري نه ٿي سگهي.حيدري پوليس جو چوڻ ھو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قمبر، خيرپور ۽ ٻين شھرن ۾ ڇاپن جو سلسلو جاري آھي، جلد جوابدار گرفتار ڪبا.هوڏانهن ميڊيڪل آفيسر جو چوڻ ھو ته جلد پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي ويندي. ٻئي طرف روزينا جي اڳوڻي مڙس مير محمد گوپانگ وڊيو بيان ۾ الزامن کي رد ڪندي چئي رهيو آھي ته روزينا منهنجي ماءُ ۽ ڏاڏي سان گهر اچي جهيڙو ڪيو، جن کي پاڙيوارن ڇڏرايو، هن چيو ته امڙ فون تي ٻڌايو ته روزينا گهر ۾ ڇري کڻي جهيڙو ڪيو آھي، ان کي چيو ته پوليس کي اطلاع ڏيو،جيڪا دانهن کڻي حيدري ٿاڻي تي وئي ته ان کي چيو ويو ته وومين ٿاڻي تي وڃو،بعد ۾ خبر پئي ته روزينا  خود ڪشي ڪئي آھي. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ڀاءٌ محمد علي سميت واقعي واري ڏينهن اسلام آباد ۾ هيس موبائل لوڪيشن به چيڪ ڪرائي ڪوڙي ڪيس کي ختم ڪيو وڃي.ياد رهي ته روزينا گوپانگ جو اڳوڻي مڙس مير محمد جي گهر مان ڦاهو کاڌل لاش مليو هو.