ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر ۾ سانوڻي جي برسات بعد ڪارونجهر جبل اجرو ٿي پيو آهي، ڪارونجهر جون  ڀٽياڻي ۽ گوڙڌڙو نئيون وهي آيون آهن، جڏهن ته ڀٽياڻي ڊيم ۾ 12 فوٽن تائين پاڻي جمع ٿي ويو آهي، تعلقهي ننگرپارڪر جي مختلف ڳوٺن ۾ ترايون پڻ پاڻي سان ڀرجي ويون آهن، جڏهن ته برسات سبب ماروئڙن جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون آهن، ننگرپارڪر شهر سميت آسپاس جي علائقن ۾ 80 ملي ميٽر کان مٿي برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ٻئي پاسي سياحن جي وڏي انگ فيميليز سميت ڪارونجهر جي تفريحي ماڳن جو رخ ڪري ورتو آهي، هوڏانهن ڪاصبو ۾ ڊيم جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، جنهن ڪري رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن،