ڪراچي:عيد ملهائڻ لاءِ اباڻن ڪکن ڏانهن ويندڙ مسافرن جي ريلوي اسٽيشنز ۽ بس اسٽاپ تي رش، ٽرانسپورٽرز مسافرن لاءِ ڀاڻا ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي وڌائي ڇڏيا آھن
ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سوڌو ٻين شهرن ۾ مسافرن پاران ڀاڙن ۾ واڌ خلاف دانهون ڪيون ويون، ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ مسافر وئنز ۽ ڪوچز ۾ 200 کان 400 رُپيا وڌيڪ ڀاڙو وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آھي
سيڪريٽري روڊ ٽرانسپورٽر حيدرآباد ۾ گاڏيون روڪي مسافرن کي اضافي اوڳاڙيل ڀارو واپس ڪرائي ڏنو، ڪراچي ويندڙ مسافر وچ جي سامان واري خاني ۾ مسافرن کي ويهارڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد موٽروي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي
لاڙڪاڻو ۾ بس کي روڪي سامان واري خاني مان مسافرن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، مسافرن جو چوڻ ھو تھ ڪرايا تمام گھڻا وڌيڪ ورتا پيا وڃن، ماڻھو مجبوري ۾ انتھائي قدم کڻي رھيا آھن، سامان واري خاني ۾ سفر ڪرڻ خطري کان خالي ناھي
ھي به پڙھندا
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 9 ڏينهن دوران برساتن جو ٽن ڏهاڪن وارو رڪارڊ ٽٽي ويو