سريلنڪا ۾ سياسي بحران: ھزارين مظاھرين رڪاوٽون ٽوڙي صدارتي محل ۾ داخل

0
328
سريلنڪا ۾ سياسي بحران:

ڪراچي: سياسي ۽ معاشي بحران جي ڪري ڏيوالو نڪرندڙ سريلنڪا ۾ ھزارين مظاھرين رڪاوٽون ٽوڙي صدارتي محل ۾ داخل ٿي ويا آھن، غيرملڪي خابرو ايجنسي موجب سري لنڪا جي دارالحڪومت ڪولمبو سميت مختلف شھرن ۾ وڏي تعداد ۾ عوام پاران  حڪومت خلاف مظاھرا ڪيا پيا وڃن

ميڊيا رپورٽس موجب ڪولمبو ۾ ھزارين مظاھرين صدارتي محل جي سامھون بيھي رڪاوٽون ٽوڙي صدارتي محل ۾ دخل ٿي ويا آھن، ان دوران مظاھرين ۽ پوليس جي وچ ۾ جھڙپون پڻ ٿيون

پوليس پاران مظاھرين کي منتشر ڪرڻ جي لاءِ ھوائي فائرنگ ڪئي وئي، واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو ۽ ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جي شيلنگ بھ ڪئي وئي، جنھن ۾ 34 جي ويجھو ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن

مقامي ميڊيا جي رپورٽس موجب سري لنڪن صدر گوٽابايا راجا پاڪسي کي ان جي رھائشگاھ کان باحفاظت طور ڪڍيو ويو آھي