ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ چانڊيا ۽ جانوري ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي ويو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن، ميهڙ ۾ چانڊيا ۽ جانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مرڻينگ ٿي پيا آھن،
فائرنگ ۾ ڳوٺ وسايو جانوري واسي ممتاز عرف پٺاڻ جانوري ۽ سعيد جانوري زخمي ٿي پيا آھن، کين لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي
وارثن جو چوڻ آھي تھ امير چانڊيو ۽ مير چانڊيو فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو، انصاف ڪيو وڃي، پوليس موجب سوشل ميڊيا تي رکيل ڦوٽو تي ڪمينٽس ڪرڻ تان ٻنهي ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي