ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي دوران بجلي جي ڊگهي لوڊ شيڊنگ ماڻهن جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي، سخت گرمي ۾ شهري علائقن ۾ 12 ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جاري آهي
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، سانگهڙ، مٽياري، نوشهروفيروز ۽ ٻين علائقن ۾ اڻ اعلان لوڊشيڊنگ جو عذاب ختم نه ٿيو، ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي واسين لاءِ لوڊشيڊنگ وڌيڪ 2 ڪلاڪ وڌائي ڇڏي، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻارڻ جي کوٽ سبب پيداواري صلاحيت گهٽجي وئي آهي، عيد تي ڪاروباري سرگرميون گهٽجڻ سان بجلي فراهمي ۾ بهتري اچي سگهي ٿي
بجلي جي بندش جي ڪري بجلي تي هلندڙ ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ، احتجاجي مظاهرا
ٻئي پاسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ زرعي پاڻي جي سنگين کوٽ ختم نه ٿي سگهي، آبادگارن ۽ شهرين جي احتجاجن باوجود شاخن ۽ واهن کي پاڻي نه مليو
ملڪاڻي شريف ۾ آبادگارن ٽئين ڏينهن به نٽهڻ اُس ۾ احتجاج مظاهرو ڪري پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو
آبادگارن دانهيو آهي ته جرڪس، کوسڪي، ٻنگار، آئلپور، باگو مائنر ۽ ٻين شاخن ۾ واري اُڏامي رهي آهي، آبپاشي عملدار پُڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي بااثر زميندارن کي وڪرو ڪن ٿا جنهن جي ڪري اسان فصل به نه پوکي سگهيا آهيون
هوڏانهن پنگريو ۾ پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف شهرين ۽ آبادگارن احتجاج ڪندي چيو ته پاڻي جي اڻهوند سبب ماڻهو ۽ مال اڃ مري رهيا آهن، احتجاجن باوجود پاڻي نٿو ملي، پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جلد ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي