ڪراچي ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: امين جت اسٽار ڪامياب

0
424
ڪراچي ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي علائقي ريڙهي ڳوٺ ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ امين جت اسٽار اليون کٽي ورتو، سنڌ سينگار اليون کي تاريخي شڪست ٿي آهي

ايونٽ جي فائنل ۾ امين جت اليون پهريان کيڏندي مقرر 10 اوورن ۾ 154 رنز جو هدف ڏنو، جواب ۾ قاسماڻي سنڌ سينگار اليون جي رانديگرن شروعات سٺي ڪئي پر مخالف ٽيم جي بالرن آڏو گهٽو دير بيهي نه سگهيا ۽ مقرر اوورن ۾ 134 رنز ٺاهي پويلين موٽي آيا

افتتاحي تقريب ۾ سماجي اڳواڻ غلام نبي جت، پ پ اڳواڻ نظير ڀٽو، اعجاز مير بحر، حنيف ڪرمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جن ونر ۽ رنر ٽيمن کي انعامن سان نوازيو