لاهور (م ڊ) پيپلزپارٽي حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪري ڇڏي، 27 فيبروي تي ڪراچي کان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تاريخي مهانگائي آهي، ملڪ ڪنگال ٿي چڪو، حڪومت کي هڪ ڏينهن به ڏيڻ نٿا چاهيون، فوري طور صاف ۽ شفاف چونڊون  ڪرايون وڃن، ملڪ ڪنگال ۽ وزيراعظم امير ٿي ويو آهي. لاهور ۾ پيپلزپارٽي جي سي اي سي جو اجلاس چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدار هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ، ملڪ جي هر ڊويزن ۾ آبادگار ريليون ڪڍڻ سوڌو اهم فيصلا ڪيا ويا، لاهور ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪي ويهڪ ۾ ملڪي صورتحال ۽ حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ طالبان سان ڳجهين ڳالهين، ملڪ ۾ جاري مهانگائي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي خود مختياري سريندڙ ڪرڻ  سوڌو افغان مسئلي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ جو ٻيو مرحلو اڄ کان شروع ڪري رهي آهي، 27 فيبروري تي اسلام آباد لاءِ مزار قائد کان لانگ مارچ شروع ڪنداسين، اسلام آباد ۾ هر صورت ۾ پهچنداسين، اسپيڪر قومي اسيمبلي خلاف بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان فيصلو ناهي ڪيو ويو، حڪومت مان نجات لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊون ضروري آهن، هن چيو ته سي اسي سي منشور ڪاميٽي ۽ اليڪشن ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي،پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪاميٽي اجلاس ۾ ڪجهه اهم فيصلا ٿيا آهن، جتي پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو، ان شهر کان حڪومت جو خاتمو ڪنداسين، پنجاب سميت پاڪستان جو عوام اسان جو ساٿ ڏئي، انشاءُ الله پيپلزپارٽي ٻيهر چئني صوبن جي زنجير بڻجندي، پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ هن وقت تاريخي مهانگائي آهي، مهانگائي، آبادگارن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ گيس بحران جي مذمت ڪريون ٿا، عمران خان سڄي زندگي ٻين تي چوري جو الزام لڳائي سياست چمڪائي آهي، ڪرپشن جي خاتمي جو راڳ آلاپيندو رهيو پر پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ هڪ ڏينهن ۾ خان صاحب جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو، اسانجو وزيراعظم ملڪ جو واحد وزيراعظم آهي، جيڪو امير ٿيو آهي، ملڪ غريب ۽ خان صاحب امير ٿي ويو آهي، جواب ڏيو، وزيراعظم بڻجڻ بعد آمدني ۾ ايترو اضافو ڪيئن ٿيو؟ تحريڪ انصاف فارن فنڊنگ کي جمهوري طاقتن خلاف استعمال ڪندي رهي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ معاملي تي قدم کڻي،  بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته  عمران خان ملڪ کي ڪنگال ڪري ڇڏيو، عوام جي ڀيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي، عوام کان روزگار کسي رهيو آهي، حڪومت ڪنهن به معاملي تي پارليامينٽ کي اعتماد نه ورتو آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين تي به اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي، مني بجيٽ کي رد ڪيو آهي، هي بجيٽ غريب دشمن آهي، عوام جي معاشي خودمختياري، حقن، کيسي ۽ پيٽ تي ڌاڙو آهي، پيپلزپارٽي پارليامينٽ جي اندر مني بجيٽ جي منظوري روڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، مني بجيٽ تي ووٽنگ دوران هڙتال ڪنداسين. حڪومت ملڪي معاشي خودمختياري سرينڊر ڪري ڇڏي آهي، هاڻ اسٽيٽ بينڪ پارليامينٽ ۽ عدالت آڏو جوابده نه هوندو، آءِ ايم اي آڏو جوابده هوندي، هن چيو ته وڌندڙ مهانگائي، انهاپسندي، دهشتگردي ۽ انساني حقن تي ڌاڙن سبب هڪ ڏينهن به حڪومت کي نٿا ڇڏي سگهون، پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ عوام جو مطالبو آهي ته هن حڪومت مان ڇوٽڪارو ڏياري صاف ۽ شاف اليڪشن ڪرائي وڃي، حڪومت جو اڇو چٽو جلد عوام سامهون آڻينداسين، پ پ چيئرمين جو چوڻ ته مدو ختم ٿيل آرڊيننس کي غيرقانوني ۽ غيرآئيني طريقي سان واڌ ڏيڻ واري عمل کي چيلنج ڪنداسين، اسپيڪر قومي اسيمبلي به بدقمستي سان هن عمل ۾ ملوث آهي، جڏهن ته ووٽنگ مشين خلاف به عدالت ۾ وينداسين، بلاول ڀٽو چيو ته زراعت ملڪ جي ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي پر اڄ آبادگار زرعي کاڌ نه ملڻ ڪري سراپا احتجاج بڻيل آهي، اسان پاڪستان جي هر ڊويزن ۾ آبادگار ريليون ڪڍڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، آبادگار ڀائرن سان گڏ آهيون، گيس جو بحران آهي، عوام کي جمهوري ۽ معاشي حق ڏيارياڻا آهن، پيپلزپارٽي پهرين به ملڪ کي مسئلن مان ڪڍيو آهي، هاڻ به ڪڍندي، هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ چيئرمين چيو ته پي ڊي ايم اسان سان لانگ مارچ تي مشاورت نه ڪئي، اهو هنن جو حق آهي ته احتجاج جو پنهنجو پلان جوڙين، مونکي خبر ناهي ته پي ڊي ايم استعيفا واري موقف تان پوئتي هٽي آهي پر هاڻ هو استعيفا ڏين يا نه، اها پي ڊي ايم جي مرضي آهي، احتجاج پيپلزپارٽي جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي اسٽيبلشمينٽ بابت بيان تي سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته ملڪي تاريخ گواهه آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان جي آجيان ڪريون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا ته اسانجي جهدوجهد ۾ ڪنهن اداري طرفان رڪاوٽ نه وڌي ويندي، اسان چاهيون ٿا ته سمورا ادارا غيرجانبدار رهن،