اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت 10 جنوري تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي .  پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 10 جنوري جي شام 4 وڳي گهرائڻ جي سمري اماڻي وئي آهي. اجلاس ۾ فنانس ترميمي بل پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته سينيٽ جي فنانس ترميمي بل تي تجويزن کي غور هيٺ آندو ويندو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته بابر اعواڻ چيو ته حڪومت قوم ۽ عام ماڻهو جي بهتري لاءِ قانونسازي جو عمل رڪجڻ نه ڏيندي. اپوزيشن کي دعوت آهي ته هو قانونسازي ۾ عملي طور تي حصو وٺي. ايوان ۾ نعريبازي سان اپوزيشن قانون نٿي ٺاهي سگهي. اسان قانونسازي اپوزيشن جي هنگامي سان رڪجڻ نه ڏينداسين. قانونسازي تي ڳالهين جي لاءِ دروازا کليل آهن.