260ماڻهن جي المناڪ موت جو سبب بڻيل بلديه فيڪٽري کي ڊاهڻ جو ڪم شروع

0
217
بلديه فيڪٽري کي ڊاهڻ جو ڪم شروع
260ماڻهن جي المناڪ موت جو سبب بڻيل بلديه فيڪٽري کي ڊاهڻ جو ڪم شروع

ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ لڳ ڀڳ 260 ماڻهن جي المناڪ موت جو سبب بڻيل بلديه فيڪٽري جي زبون عمارت کي سانحي جي 10 سالن کانپوءِ ڊاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي
ڪياماڙي پوليس موجب بلديه فيڪٽري جَي مالڪن مقتولن جي وارثن سان ٺاهه ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ عمارت ڊاهڻ جو ڪم شروع ٿيو آهي
ذريعن موجب فيڪٽري جي تباهه ٿيل عمارت کي ڊاهڻ لاءِ سنڌ ٽريڊنگ اسٽيٽ طرفان اين او سي پڻ جاري ڪئي وئي آهي
سائٽ پوليس موجب فيڪٽري جي عمارت جي حوالي سان عدالت طرفان به ڪوبه حڪم جاري ناهي ڪيو ويو
11سيپٽمبر 2012ع ۾ پيش آيل سانحي ۾ 260 ماڻهو سڙي اجل جو شڪار ٿيا هئا، سڙي فوت ٿيل سڀ فيڪٽري جا ملازم هئا، جن جي وارثن طرفان اعتراض سامهون آيا هئا ته پوليس موجب ڪنهن وٽ فيڪٽري جي عمارت ڪيرائڻ جي حوالي سان لکت ۾ معاهدو يا ڪو دستاويز ناهي
ذريعن موجب فوري طور عمارت ڪيرائي جاءِ خالي ڪرائي پئي وڃي، جنهن لاءِ گذريل ڏينهن کان وڏي انگ ۾ مزدور پڻ ڪم ڪري رهيا آهن