ڳڙھي ياسين (ن پ ا) سيشن جج شڪارپور جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر فرسٽ سول جج محمد دائود ڪٻر ڳڙھي ياسين ۽ کيرٿر ڪئنال پل چوڪي تي ڌار ڌار ڇاپا هنيا، جنهن دوران ريڊ ڪمشنر ڳڙھي ياسين ٿاڻي تان بيگناهه باندي بڻايل ڳوٺاڻي غلام مصطفيٰ بکراڻي کي آزاد ڪرائي ورتو، ٻئي طرف ريڊ ڪمشنر کيرٿر ڪئنال پل چوڪي تي ڇاپي دوران باندي بڻايل آصف ميراڻي کي پڻ آزاد ڪرايو. ريڊ ڪمشنر ايس ايڇ او گلزار علي ٻرڙو کي اڄ عدالت ۾ رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم پڻ ڏنو، پوليس جو چوڻ آهي ته آزاد ڪرايل ٻنھي ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو ھو.